چـيـن

چـيـن

چين

چـيـن (China): هـن مـلـڪ جــو سـرڪـاري نـالـو عـوامـي جمهــوريـه چـيـن (People’s Republic of China) آهي، هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ منگوليا، اتر اوڀر ۽ اتر اولهه ۾ روس، اوڀر ۾ ڪوريا ۽ پيسفڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڀارت، نيپال، ڀوٽان، ميانمار (برما)، لائوس ۽ ويٽنام، اولهه ۾ قازقستان، ڪرغيزستان، افغانستان ۽ پاڪستان آهن. چين اوڀر ايشيا جي وڏي علائقي تي مشتمل آهي ۽ آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. چين زرد سمنڊ (Yellow Sea)، اوڀر چيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري تي آهي. چين جي ڪل پکيڙ 9597000 چورس ڪلوميٽر (3705000 چورس ميل) ۽ آبادي هڪ ارب 25 ڪروڙ 61 لک 68 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بيجنگ (Beiging) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ايورسٽ (بلندي: 8848 ميٽر) اٿس. هتان جي سرڪاري ٻولي چيني آهي. چين جي آبهوا مختلف علائقن ۾ مختلف آهي، اترئين چين ۾ سيءُ وڌيڪ پوي ٿو. هن ملڪ جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪپهه، ڪمند، بيٽ، سڻي، تماڪ، اناج، ڪڻڪ، چانهه، پٽاٽا، سويابين ۽ هر قسم جا ميوا آهن.
چين جي مکيه صنعتن ۾ لوهه، هوائي جهاز، مشينري، هٿيار، ميزائل، ٽامو، ٽينڪ، گاڏيون، اليڪٽرانڪس، رانديڪا، ڪيميائي شيون، ڀاڻ، ٽيڪسٽائل وغيره آهن. ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪوئلو، پيٽروليم، قدرتي گئس، لوهه، چن، سنگ مرمر، ٽنگسٽن ۽ مينگاٽيز آهن. چين آزاد ۽ خودمختيار عوامي ۽ سوشلسٽ جمهوريه آهي، چين جي تاريخ اٽڪل 5 هزار سال پراڻي آهي. هتان جو صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. جڏهن ته حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم آهي، جيڪو انتظامي معاملن جو مالڪ آهي. چين جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين آڪٽوبر 1949ع آهي ۽ اُن کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان حاصل آهي. چين پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو، ان سان ڪيترا صنعتي ۽ واپاري معاهدا ڪيا ويا آهن.


لفظ چينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو