چيرولي

چيرولي (معدنيات): معدنيات جو هڪ قسم (جيڪو جاين جي اڏاوت ۾ چن سان ملائي ڪم آڻبو آهي. سنڌ ۾ چيروليءَ جا ٽي قسم اڇو، ڳاڙهو ۽ ميرانجھڙو آهن. سنڌ جي ڪيترن هنڌن تان چيرولي جا تهه لڌا آهن، جيئن دادو ضلعي ۾ ڪوٽڙي، ٿاڻي بولا خان، جھمپير، ميٽنگ ۽ جھرڪن جي آسپاس ۽ پٻ جبل مان چيرولي ملندي آهي. هي معدنيات غير شفاف ۽ شيشي جي ٿلهن چاپڙن وانگر جابلو ايراضيءَ مان ملندي آهي. چيرولي جا تهه ابرق وانگر ٿيندا آهن.


لفظ چيروليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو