چوکنڊي1

چوکنڊي1

چوکنڊي1

چوکنڊي1: قبرن جو هڪ نمونو، جن جو وڏو تعداد سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ملي ٿو. آرڪيالاجيءَ جي ڄاڻو شيخ حسن خورشيد پنهنجي ڪتاب ‘Chaukhandi Tombs in Pakistan’ ۾ لکيو آهي ته: چوکنڊي قبر سادي نموني جي اندران کوکي، هڪ ڪوٺيءَ وانگر مستطيل نموني جي آهي ۽ سڄي وڏن پٿرن جي صليبن سان بند ٿيل آهي. صليبن جي مٿان اُڪر ٿيل هڪ مذهبي اڏاوت آهي. هي اڏاوت ڪئي ماڙ، ڪٿي ٻه ماڙ ته ڪٿي ٽه ماڙ ۽ چؤ ماڙ جي به ٿئي ٿي. هڪٻئي مٿان رکيل پٿر جا صليب هيٺ وڏا ۽ مٿي ننڍا ننڍا ٿين ٿا، جيڪي اهرامي صورت ۾ نظر ايندا آهن. ڪن خاص ماڻهن جي چوکنڊيءَ جي مٿان ڇٽي به ٺهيل هوندي آهي.
ڪراچيءَ ۾ لانڍيءَ لڳ ٺهيل چوکنڊين بابت سڀ کان پهرين 1851ع ۾ مسٽر ميڪلوڊ، سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر کي ڄاڻ ڏني هئي ۽ پنهنجي خط ۾ لفظ چوڪنڊي استعمال ڪيو هو. ان کان پوءِ 1917ع ۾ ٺٽي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر به انهن چوکنڊين بابت انگريز سرڪار کي ڄاڻ ڏني هئي. ڪيترن ٻاهرين مهم جو عالمن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود چوکنڊين بابت ڄاڻ ڏني آهي، جن ۾ ايڇ. آر. ٿيوليئر، ايم. اي. ٽني، ڪارٽر ۽ هينري ڪزنس جا نالا کڻي سگهجن ٿا. اهڙي نموني ڪيترن مقامي عالمن جو به ڌيان انهن چوکنڊين ڏانهن ويو آهي، جن ۾ خورشيد حسن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري وغيره شامل آهن.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ چوکنڊي قسم جي قبرن جا ميڙ ڪيترن قبرستانن ۾ موجود آهن:
(1) مڪلي قبرستان (ٺٽو)، (2) لاکو پير قبرستان (جهرڪ، (3) حسن سهرياني (بلوچستان)، (4) چوکنڊي (لانڍي)، (5) ڀاواني سرائي (بلوچستان)، (6) ڳوٺ حاجي الهڏنو (ڪراچي)، (7) ڪوڙو جلال (بلوچستان)، (8) لاکو شيخ (ملير، ڪراچي)، (9) پير پٺو (ٺٽو)، (10) خاڪو خان بروهي، (11) سونڊا، (12) درس ورايو، (13) جنگشاهي، (14) هنيدان (بلوچستان)، (15) شاهه حسين قبرستان وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو