چوٿ

چوٿ: هندو وڪرمي ڪئلينڊر جي هر مهيني جي چوٿين تاريخ کي ’چوٿ‘ چئبو آهي. هر مهيني اها تاريخ ٻه ڀيرا ايندي آهي: هڪ اونداهي چوٿ ۽ ٻي سهائي چوٿ. وڪرمي سنبت جي بڊي مهيني (آگسٽ- سيپٽمبر) جي چوٿ کي ’گڻيش چوٿ‘ چوندا آهن. ان کان سواءِ هن تٿ کي ’ڪڙوا چوٿ‘ ۽ ’شڪلا چوٿ‘ طور پوريءَ دنيا ۾ هندو برادري ملهائيندي آهي. هندن ۾ عقيدو آهي ته چوٿ تٿ تي شِوَ، پنهنجي پُٽ گڻيش کي سڀني دئيتن کان اعليٰ هئڻ جو درجو ڏنو هو. ان ڪري، هن ڏينهن تي مرد توڙي عورتون ورت رکي، گڻيش جي پوڄا ڪندا آهن (وڌيڪ ڏسندا: گڻيش چوٿ، ايندڙ جلد).


لفظ چوٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو