چوتالو

چوتالو (تال): هي چوڏهن ماترائن جو تال آهي. پهريان پنج تال ٻن ٻن ماترائن جا ٿيندا آهن ۽ آخري ڇهون تال چئن ماترائن جو ٿيندو آهي. هن تال ۾ ٽين، ستين ۽ ٻارهين ماترا تي تال ايندو آهي. پنجين ۽ نائين ماترا خالي هوندي آهي. هي تال وڄت ۾ ڪلاسيڪي نموني گهٽ وڄائبو آهي. پهريون ٺيڪو ڌي ڌي، ڌا ترڪ، تونا، ڪت تا، ڌي ڌي، نا ڌي ڌي نا ۽ ٻيو ٺيڪو ڌا اڪ، ڌا ڌا ڏين تا، دت تگ، نگ ڌر، ڪت تڪ گد گن اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو