چنگاڻا

چنگاڻا (قبيلو): چنگاڻا هڪ قبيلي جو نالو آهي، جيڪي خانه بدوش هوندا آهن. ’چنگاڻا‘ لفظ ’چنگر‘ يا ’زنگر‘ مان نڪتل آهي. هي قبيلو قديم زماني ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد هو. بهرام پنجون (420ع کان 438ع) کـيـن هـندسـتان مـان ايـران وٺي آيـو هـو. ان کانپوءِ هي ماڻهو سڄيءَ دنيا ۾ ڦهلجي ويا.هنن مان ڪجهه ماڻهو آباديون ٺاهي ٿانيڪا ٿي ويٺا ۽ باقي خانه بدوش جي زندگي گذاري رهيا آهن. پراڻن طور طريقن تي هلندڙ هي خانه بدوش هڪ جڳهه تي آباد ٿي ويهندڙ چنگاڻين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ايران ۽ ترڪيءَ ۾ هنن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ سندن الڳ مذهب ۽ سياسي نظام آهي.


لفظ چنگاڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو