چماري

چماري (Chamari: ٻولي): هن ٻوليءَ کي چمر، چئمڀر ۽ چمپاري به چيو وڃي ٿو. هيءُ ٻولي هند يورپي، هند ايراني، هند آريائي ۽ وچين علائقي جي اولهه وارين هندي ٻولين جي خاندان مان آهي. جيتوڻيڪ هن ٻوليءَ جي لکت نه ٿي ملي، پر هندستان جي مکيه علائقن مڌير پرديش، اتر پرديش، لکنو ۽ مهاراشٽر جي علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻولي ڳالهائيندڙن بابت رچرڊ برنسٽن پنهنجي تذڪري ۾ لکيو آهي ته ”هي نه مسلمان آهن ۽ نه هندو، هو وڏي منهن وارو ڇهه ست فٽو ڊگهو ڏڦو يا ڀالو کڻندا آهن.“ هندستان جي گهڻن علائقن ۾ هڏن ميڙڻ ۽ مردار جانورن جون کلون لاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. پاڪستان توڙي بنگلاديش ۾ هنن جو خاصو تعداد رهائش پذير آهي، جتي هن ٻولي وارا اتان جون مقامي ٻوليون پڻ ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا. سڪندراعظم جي جاگرافيدان ڪلاڻو ڊيٽس پٿيميئس به هن ٻولي ڳالهائڻ وارن کي Phylitas سڏيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڀيل. ڀيل اصل ۾ بيلار مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تير هلائيندڙ يا شڪاري. هنن ۾ تعليم جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. (وڌيڪ ڏسو: چمار).


هن صفحي کي شيئر ڪريو