چرُون2

چرُون2: چرون کي روز مره جي ٻوليءَ ۾ ’لپ‘ به چئجي ٿو. هڪڙي هٿ جي آڱرين کي اهڙيءَ طرح موڙڻ جيئن هٿ ۾ ننڍو پيالو ٺهي وڃي، جنهن ۾ پاڻي، تيل وغيره کڻجي. يعني هڪڙي هٿ جي تريءَ ۾ ڪنهن به شيءِ کي اهڙيءَ طرح کڻڻ يا رکڻ جيئن اها هارجي نه سگهي. ان ماپ جي پاڻيءَ يا تيل کي چرُون چئبو آهي.
- تماڪ جي پنن مان ٺهيل هڪ قسم جي وڏي ۽ ٿلهي ٻيڙيءَ کي چرون چئجي ٿو، جنهن کي جديد ٻوليءَ ۾ ’سِگار‘ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو