چترڪار

چترڪار (رسالو): چترڪار هڪ سنڌي فلمي رسالو هو، جيڪو جون 1937ع کان ڪراچيءَ مان ديپڪڊي ’آشا‘ (ايڊيٽر) جاري ڪيو هو. هن رسالي ۾ اردو جا ٻه صفحا به شامل هئا. ڪي. ايم. شندا ۽ ايم. ڊي. آشا رسالي جا جوائنٽ ايڊيٽر هئا. رسالي جو دفتر چيف ڪورٽ جي سامهون نيو ڪمرشل ڪاليج جي بلڊنگ ۾ هو. هن رسالي ۾ فلمي خبرون، ڪهاڻيون، افسانا، شعر ۽ فلمي ٽائيپ جي سوالن جوابن تي مشتمل مواد هوندو هو.


لفظ چترڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو