ڄيڙا

ڄيڙا: هي هندن جي هڪ نک آهي. هن نک وارا سنڌ جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهن. ڀرين جا ’نوتاڻي‘ ڳوٺ کاهي قاسم، تعلقي نوشهري فيروز جا ’جيٺاڻي‘ ۽ ٺارو شاهه جا گيانچنداڻي به هن نک منجهان آهن، جڏهن ته موري، سڪرنڊ، حيدرآباد، ميرپورخاص، بوبڪ، لاڙڪاڻي ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي هن نک وارا ٽڙيل پکڙيل آهن. هن نک وارا ديويءَ جا پوڄاري آهن، جنهنڪري نوراتن ۾ مڇي ۽ گوشت ڪو نه واپرائيندا آهن، پر ٿوم ۽ بصر کائڻ به منع اٿن. اڳي منجهن ڪو وهانءُ ٿيندو هو ته وهانءَ کان اڳ سومر جي ڏينهن تي ديويءَ جي واس ڪندا هئا، جنهن ۾ ٻڪر جو جهاٽڪو ڪيو ويندو هو، پر هاڻي جهاٽڪي وارو رواج بند ڪري ڇڏيو اٿن. وهانءَ جي موقعي تي به سائي ڀاڄي ۽ چڻا رڌين. جڏهن ته هن نک وارن مان ڪيترائي ويدناٿ جي مڙهيءَ جا پوڄاري آهن. ويرناٿ خيرپور ناٿن شاهه کان ڏيڍ ميل کن پري تعلقي ڪڪڙ ۾ آهي، جنهن ۾ ويرناٿ سواميءَ جي سماڌ آهي. انهيءَ آسٿان جي اڪثر ڄيٺڙا نک وارا ئي پوڄا ڪندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو