ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي: مشهور اديب، سچو سناتني، صوفي ۽ ٿياسافسٽ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، 1885ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ انگريزي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، کيس برهمو سماج، سناتن ڌرم، اسلام ۽ ٿياسافيءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو عملي نمونو ۽ انسان دوست شخص هو. ڪجهه وقـت ’گـلـراج‘ جـي تخـلـص سـان شـاعـري بـه ڪيائين. 1914ع ۾ لالچند امرڏني مل سان گڏجي ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ قائم ڪيائين، جيڪا پوءِ اين. ايڇ. پنجابيءَ خريد ڪئي. 1917ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ نئشنل ڪاليج قائم ٿيو ته ان ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1918ع ڌاري ايني بيسنت جي ’هوم رول تحريڪ‘ جو ميمبر ٿيو ۽ سياسي طرح سرگرم ٿيو. سندس ئي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ’بيسنت هال‘ جو بنياد پيو، جنهن جو افتتاح ايني بيسنت خود ڪيو هو. هوم رول تحريڪ جي سلسلي ۾ ڄيٺمل پرسرام هڪ روزاني سنڌي اخبار ’هند واسي‘ جاري ڪئي، ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳيءَ اخبار جو نالو بدلائي ’ڀارت واسي‘ رکيائين ۽ ڪيترا ڪتاب ڇپرايائين.
ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽريءَ جو انقلابي دور ’ڀارت واسياخبار کان شروع ٿئي ٿو، هن اخبار کي ’رولٽ ائڪٽ‘ خلاف عوامي تحريڪ طور استعمال ڪيو، جڏهن 3 مارچ 1919ع تي چاندني چوڪ دهليءَ ۾، انگريزن جي لاڳو ڪيل ’رولٽ ائڪٽ‘ جي خلاف هزارين ماڻهن جو جلوس نڪتو ته ان تي سرڪار فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ ڪيترائي احتجاجي مارجي ويا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ٿيا. ڄيٺمل پرسرام به ان واقعي جي خلاف پنهنجي اخبار هند واسيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکيو ۽ ان عنوان طور شاهه لطيف جو هيٺيون بيت لکيائين:
اڳـيـان اڏيـن وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀانين گهٽ،
مَٿاَ مَهايِن جا، پِئا نه پَسين پَٽِ،
ڪلاڙڪي هَٽِ، ڪَسَڻ جو ڪوپُ وهي.
( سر ڪلياڻ، بيت 23، صفحو 150، بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش)
سندس ايڊيٽوريل، عنوان واري شعر سميت ترجمو ٿي، جڏهن اُن وقت حيدرآباد، سنڌ جي ائڊيشنل مئجسٽريٽ ايڇ. ٽي. سورلي وٽ پهتو، هن ڄيٺمل پرسرام تي بغاوت ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جو مقدمو درج ڪري، کيس ٻه سال جيل جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ اخبار به بند ڪئي وئي. جيل ۾ ڄيٺمل پرسرام ’ترنگ جو تيرٿ‘ نالي جيل ڊائري لکي، ۽ اها سنڌيءَ ۾ پهرين ڇپيل جيل ڊائري آهي.
تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته ان کان پوءِ ايڇ. ٽي. سورلي، ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽوريل جي عنوان واري شاعر شاهه لطيف کان ايڏو تـه متاثر ٿيو، جو هن اڳتي هلي 1938ع ۾ شاهه لطيف تي تحقيقي مقالو ‘Shah Abdul Latif of Bhit: His Poetry, Life and Times’ لکيو، جيڪو شاهه جي شاعريءَ ۽ دؤر تي شاهڪار ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ’ڀٽ جو شاهه‘ عنوان سان عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو اردو ترجمو به ٿيو آهي.
ڄيٺمل پرسرام ’ڀارت واسياخبار بند ٿيڻ کان پوءِ ’سنڌ واسي‘ اخبار جاري ڪئي. 1922ع ۾ ’نئين سنڌي لائبرري‘ ۽ ’سستو عمدو ساهت مالها‘ نالي سان ڪتابي سلسلا شروع ڪيائين.
ڄيٺمل پرسرام 1924ع ڌاري حيدرآباد مان هڪ ماهوار ادبي رسالو ’روح رهاڻجاري ڪيو، جنهن 1944ع تائين سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن رسالي جو مقصد ٿياسافيءَ ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي تي هڪ تنقيدي ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ’گربخشاڻيءَ تي شاهه جا بيت گم ڪرڻ‘ بابت تنقيد ٿيل هئي. 1947ع ۾ ’روح رهاڻ‘ جي ساڳئي نالي سان ڪراچيءَ مان رسالو جاري ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ’پرڪاش‘ ۽ ’سنڌ هيرالڊ‘ اخبارون جاري ڪيائين. حيدرآباد ۾ دلپت صوفيءَ جي آستاني تي هر ڇنڇر رات، صوفي راڳ جي مجلس ٿيندي هئي، جتي ڄيٺمل پرسرام حاضري ڏيندو هو.
ڄيٺمل پرسرام سياست ۾ ترقي پسند خيالن جو حامي هو. هن 1930ع ۾، ميرپورخاص ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جو بنياد وڌو ۽ 1938ع ۾ ’پيپلز پارٽيءَ‘ قائم ڪرڻ ۾ به سائين. جي. ايم. سيد سان گڏ رهيو. 1939ع ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه واقعي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ته ڄيٺمل پرسرام، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ جي. ايم. سيد سان گڏجي بيان ڪڍيو، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي روايتن جي پوئلڳ سنڌين کي مذهب جي نالي تي اشتعال ۾ اچڻ کان روڪيو ويو هو. هي پهريون شخص هو، جنهن سوشلزم تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب ’سوشئلزم‘ (ساميه واد) لکيو. ان کان سواءِ سناتن ڌرم، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترا ڪتاب لکيائين.
ڄيٺمل پرسرام جي ڪتابن جو ڪجهه تفصيل ڏجي ٿو:
(1) سـنـاتـن ڌرم، (2) صـوفـي مـت، (3) سـک پنـٿ، (4) اپـنـشـد گيان، (5) آنـنـد درٻار، (6) وديا گُرو، (7) ترنگ جو تيرٿ (جيل ڊائري)، (8) سنڌي سـاهـت جـو خـزانـو (1924ع)، (9) مـيـران ٻائـي، (10) شـاهه جـون آکاڻيـون، (11) پرلوڪ مان پيغام، (12) ڀڳوت گيتا (ايني بيسنت جو ترجمو)، (13) ٻڏل ٻيڙي، (14) مـونـا وانـا، (15) ٻـال هـتيـا، (16) گال بـلاس، (17) سـڌيـون ۽ چـڪـر، (18) ستگر جي چرنن ۾، (19) راج گيان'>ڀڳوت گيتا ۽ راج گيان، (20) چمڙا پوش جون آکاڻيـون (1932)، (21) سدا چار (ليلارام پريمچند سان گڏ لکيل)، (22) سونو گڏهه، (23) ڀائي ڪلاچند، (24) مارگ جوتي ۽ ڪرم، (25) يوگ جي سمجهاڻي، (26) پورب جوتي، (27) صوفي سڳورا، (28) پيغمبر اسلام، (29) موت هڪ بهانو، (30) فلاسافي ڇا آهي، (31) هئمليٽ (ترجمو)، (32) سچل سرمست، (33) طـوفـان (تـرجـمـو)، (34) سـوشـلـزم (سـامـيه واد)، (35) حسابي حساب، (36) فائوسٽ (ترجمو)، (37) ايمرسن، (38) سنڌي سونهارا، (39) جڳت جا نيتائو، (40) سوراج ساگر، (41) هند ۽ سنڌ جا سنت، (42) موت ته آهي ئي ڪونه، (43) Sindh & its Sufis، (44) Shakespeare Through Indian Eye.
’سنڌي ساهت جو خزانو‘ (شاهه جو رسالو) دراصل سندس اخبارڀارت واسي‘ ۾ قسطوار تنقيدي مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام، شاهه جي رسالي بابت، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي تنقيد ڪئي آهي.
هن لائق شخص، 6 جولاءِ 1948ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
ڄيٺمل پرسرام جي ياد ۾ ’ڄيٺمل پرسرام ساهتيه سرجڻ سمتي‘ نالي ممبئيءَ ۾ هڪ ادارو موتيرام رامواڻيءَ ۽ ڄيٺمل پرسرام جي خاندان وارن گڏجي قائم ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ڄيٺمل پرسرام جو لکيل ادب ڇپائڻ لاءِ آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي برک دانشور محمد ابراهيم جويي کي 1991ع ڌاري بمبئيءَ گهرايو ويو ته جيئن ڄيٺمل پرسرام جي قلمي پورهيي تي خاص نظر وجهي. موتيرام رامواڻيءَ هن اداري پاران، ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب: (1) نانڪ يوسف، (2) ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس چونڊ لکيتون، (3) ساهتي رهاڻ (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري بابت شاهڪار مقالو ۽ ستن ادبي ڪتابن تي تنقيد: 1991ع)، (4) Shakespeare Through India Eye ڇپجي چڪا آهن.


لفظ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو