ڄيون

ڄيون: ڄيون (واحد ڄئي)، جونئن جو هڪ قسم آهي، ڄئي، اصل ۾ سنهڙي جـونءِ يـا لِيـک کـي چيـو ويـندو آهـي، جيڪـي ماڻهوءَ جي مٿي جي وارن ۾ ٿينديون آهن. ڄيون مٿي جو رت پيئنديون آهن. اهڙو اظهار سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سُر مارئيءَ ۾، مارئيءَ جي واتان چورايو آهي:
مون سين ماروئڙيون، ڪهڙي ريت رُسنديون،
چـوٽـيءَ ۾ چيـڙهه پيـو، پيـئن رت ڄيـون،
نيـڻـن نـنـڊ وهُ ٿـئـي، سـاري سـاڏوهيـون،
هـتـي جـي هيـون، تـه سـُڌ پيـن سـيل جي


لفظ ڄيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو