ڄمون

ڄمون

ڄمون


ڄمون (Black Palm): هي مشهور ميويدار وڻ آهي، جيڪو اسان وٽ عام جام ٿئي ٿو. هن جي ٿڙ جي ٿولهه 36 سينٽي ميٽر، جڏهن ته ڊيگھه ٽيويهه ميٽر ٿيندي آهي. ٿڙ خاڪي معمولي هيڊاڻ مائل ٿيندو آهي. هن جا پن مختلف سائزن تي ٿين ٿا، جيڪي ساڍا ست کان پندرهن سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ 3.8 کان 6.3 سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. پنن جون ڏانڊيون 8.25 ملي ميٽر ميوو 2.5 کان پنج ملي ميٽر ڊگھو ٿئي ٿو. هي برصغير سيلون ملايا ۽ آسٽريليا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. هي ڳلي جي سور سوڄ لاءِ مفيد آهي. ڊاڪٽر شگر جي مريضن کي به تجويز ڪندا آهن. پيٽ جا ڪيڙا خارج ڪري ٿو. دم اڃ ۽ رت جي خرابي ۾ مفيد آهي. هن کي سنسڪرت ۾ ’جمبولا‘، بنگاليءَ ۾ ’ڪالا جام‘ چون ۽ نباتاتي نالو (Eugenia Jabularva Linn) اٿس. هن جو مزاج سرد هڪ درجا ۽ خشڪ ٻه درجا ٿئي ٿو. هي وڻ پاڪستان توڙي هندستان ۾ به عام پوکيو وڃي ٿو.
ذيابطيس ٽائپ ون ۽ ذيابطيس ٽائپ ٽو ۾ ڄمونءَ جو استعمال وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيو آهي. ويهين صديءَ ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين ايلوپيٿڪ طريقي واري علاج ۾ پڻ شوگر جي ڪنٽرول لاءِ ڄمونءَ جي ڪيميائي تجزيي مطابق ان جي ماس ۾ 83.7 سيڪڙو پاڻي، 14 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽس، پروٽين 0.7 سيڪڙو ۽ چرٻي 0.3 سيڪڙو آهي. هن ميوي ۾ وٽامن اي، بي، سي، ميلڪ ايسڊ، آگزيلڪ ايسڊ، گيلڪ ايسڊ ۽ ٽينن سان گڏ هڪ خوشبودار تيل به شامل آهي. ڄمونءَ جي ٻجن ۾ ڪيلشيم، پروٽين، ٽينن، اليگڪ ايسڊ، گليلڪ ايسڊ ۽ جمبولين نالي هڪ گلوڪوسائيڊ موجود هوندو آهي. ڄمونءَ جي ٽارين ۽ پنن ۾ گيلڪ ايسڊ ۽ فولاد پڻ وڏي مقدار ۾ ٿيندو آهي.


لفظ ڄمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو