ڄاموٽ

ڄاموٽ: ڄاموٽ لفظ ’ڄام‘ جو اسم تصغير آهي، جيئن ته اسم تصغير جي معنيٰ آهي ڪنهن شيءِ/ نالي وغيره جي ننڍڙائي ۽ صغيريت بيان ڪرڻ. سو انهيءَ طرح ڄاموٽ، ڄام جي ننڍڙائي بيان ڪندڙ لفظ آهي. سما قبيلي يا سنڌي قوم جي سردارن جو لقب ڄام هو ته ننڍا ڄاموٽ سڏبا هئا، جيئن راجا جا پٽ راجپوت ۽ نواب جا پٽ نوابزاده سڏبا آهن. هي ڪو قبيلو، قوم يا نسل ڪونهي، جيئن معنيٰ مان پڌرو آهي. قيمتراءِ جي هڪ شعر مان ڄام ۽ ڄاموٽ جي حيثيت کي واضح سمجهي سگهجي ٿو:
ڄاموٽ تنهنجي ڄامي، اصل ڪين وڪامي،
جنگي توکي ’جاٽ‘ چون، سڌو آهين سامي،
راڄوڙانم راجپوت آهين، هادي ٿيندين حامي.
ڄام، ڄاموٽ، جاٽ، راجپوت، سامي/ سماٽ جي صفاتي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ واضح اشارا موجود آهن، جنهن مان سندن بهادري، عزت، عظمت، راڄنيتي نظام بيان ٿيل آهن.
بلوچستان ڪا ثقافتي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ڄاموٽ لقب تمام وڏن ۽ معتبر ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڄاموٽن جي سردار لاءِ ’ڄام‘ جو لقب انهي مان مشتق آهي. ڄاموٽ سنڌ جا قديم ترين ماڻهو آهن. ڄاموٽن جا اڪابر پاڻ کي ارباب يا رئيس سڏرائيندا آهن. قبيلي ۾ کين وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي.“
بلوچستان گزيٽيئر‘ ۾ لکيل آهي ته: ”مقامي مورخن جي بيان مطابق رونجها، برفت، گُنگا ۽ ڄاموٽ مختلف وقتن تي لسٻيلي جا حاڪم هئا. ڄاموٽ، گُنگا کان پوءِ لسٻيلي جا حڪمران ٿيا، پر سنڌ جي بُرفت ذات وارن کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڄاموٽن ٻيهر قلات جي خان جي مدد سان رياست پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. قديم دؤر ۾ هيءُ خاندان ’جمشيدي‘ جي نالي سان مشهور هو.“


لفظ ڄاموٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو