ڀٽِي2

ڀٽِي2: سنڌ ۾ ڀٽي ذات جي حوالي سان ڪيتريون ديهون موجود آهن، جهڙوڪ:
سجاول تعلقي ۾ ڪجهه ديھون.
ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آھن: ’جلال الدين ڇٽو‘، ’خدا بخش ڀٽي‘، ’ڪوٽ شمس الحق پانڌياڻي‘، ’خدا بخش انڙ‘، ’عمر انڙ‘، ’پريو انڙ‘، ’خدا بخش ڇٽو‘، چوڌري برڪت علي‘ ۽ ’محمد ڇٽو‘.
شھدادڪوٽ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ 3 ڳوٺ آباد آھن.
تعلقي ميري خان ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ ’ڀٽي ڳوٺ‘، ’علي محمد آھير‘، ’مموڊ تنيو‘، ’غلام مصطفيٰ مغيري‘ ۽ ’غوث بخش مگسي‘ شامل آھن.
ضلعي شڪارپور جي تعلقي خانپور ۾ هڪ ديهه، جنھن ۾ 7 ڳوٺ آباد آھن.
تعلقي خانپور جي هڪ ديهه جنهن ۾ اٺ ڳوٺ آهن: ڳوٺ عبدالرحمان پهوڙ، سالار ڀٽي، رحيم آباد، يوسف ڀٽي، روشن آباد، رتو سهندڙو،ٻڌاڻي سومرو ۽ رتو پهوڙ (ڦٽل واهه).
تعلقي ميري خان ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڀٽي علي محمد اهير، محبوب تنيو، غلام محمد مغيري، غوث بخش مگسي ۽ محمد شريف مگسي.
تعلقي شهداد ڪوٽ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ بيگو ڀٽي، ڀمڀو ڀٽي ۽ وزير جلباڻي نالي ڳوٺ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو