ڀٽيار

ڀٽيار ( راڳڻي ):هيءَ ماروا ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي . هن ۾ مڌم جو سر نياس هوندو آهي ، جيڪو چٽو ڏيکارڻو آهي . للت ، ڪالنگڙه ۽ پرچ جي ميلاپ مان هي راڳڻي جڙي آهي . اترانگ ۾ ڪٿي مانڊ جو انگ نظر ايندو ، پر مانڊ ۾ رکب تيور آهي ۽ ڀٽيار ۾ رکب ڪومل آهي . چون ٿا ته هي راڳڻي راجا ڀرتريءَ جي بنايل آهي . هن راڳڻيءَ ۾ گنڌار پنچم ۽ ڌيوت مڌم جي خوبصورت سنگت رهي ٿي . کماچ ٺاٺ ۾ به هي ڳاتي وڃي ٿي . آروهي ۾ نکاد دربل ۽ امروهيءَ ۾ وڪر آهي . هن جي خاص چال: سا- ڌي ڌي – پا ما- ما- پا گي- سا- ما – ما پا گي ڌي سا ڌي آهي . هن جي آروهيِ: سا را سا- گي مي ڌي سا ۽ امروهيِ سا ني ڌي پا- ما- گي مي گي- را سا آهي . وادي سُر: مڌم ( زوردار ) آهي . ڳائڻ جو وقت آڌي رات کان پوءِ آهي .


لفظ ڀٽيارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو