ڀِڪشُو

ڀِڪشُو: سنسڪرت زبان جو اهو لفظ، پاليءَ زبان جي ’ڀيڪُو‘ لفظ مان نڪتل آهي. سنسڪرت جو لفظ ’ڀِڪشُو‘ جي معنيٰ آهي بِکاري يا فقير ۽ پاليءَ ۾ گوتم ٻڌ جي سنياسي يا راهب کي ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پيلا ڪپڙا پائڻا هوندا آهن ۽ گوتم ٻُڌ جي ٻُڌايل/ ڏسيل روايت موجب، هڪ ئي انتظام هيٺ رهي عمل ڪرڻو هوندو آهي، جنهن کي ٻُڌ ڌرم جي اصطلاح موجب ’قانون جي ڦيٿي‘ جي رفتار سان ٺهڪائڻ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو