ڀِٽارو2

ڀِٽارو2: ڀٽن واري زمين، ضلعي ٿرپارڪر ۾ نئين ڪوٽ کان ھيٺ ڀرو ھڪ علائقو. شاهه يقيق ’ڀٽاري‘ جي ڀونءِ کي ھن طرح ياد ڪيو آھي:
’بَرسي ڀٽاري، ڀريا پٽ پراڻ جا“ يعني ڀٽاري واريءَ جوءِ تي اھڙي برسات وٺي، جو ان جي پاڻيءَ وڃي، پراڻ کي تار ڪيو. پراڻ، سنڌو نديءَ جو اڳيون وھڪرو هو، جيڪو نوابشاهه ۽ سڪرنڊ جي وچ ڌاري، اوڀر ڏکڻ طرف ڦريو ۽ موجوده وقت جي نوابشاھ، سنجھوري، ميرپورخاص ۽ ڊگھڙي تعلقي مان ٿيندي، ٽنڊي جان محمد، جھڏي، نئين ڪوٽ کان ھيٺ ڏکڻ طرف ڀٽاريءَ وٽان وڃي، ڍوري ناري سان گڏبو هو.
ھن نالي سان بدين، ڏيپلي، ميرپورخاص ۽ ساماري تعلقن ۾ به ديھون موجود آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو