ڀِنيان

ڀِنيان: ڪوٽڙي تعلقي جي هڪ شهر ۽ ڳوٺ جو نالو، ’ڀنيان‘ آڳاٽو درياھي بندر ھو. ھاڻي ھن شھر کي درياهه پائي ويو آھي، جنھنڪري ھن جو نالو نشان به نه رھيو آھي. شھر جون پناھون ئي پائجي ويون. ڀنين جا ماڻھو لڏي سيد منظور شاهه جي نالي ”منظور آباد“ شھر ٻڌي ويٺا آھن، جيڪو انڊس ھاءِ وي تي کاڻوٺ جي ويجھو آھي، ھتي مغل ذات جا سنڌي، بوٽن ۽ جتين جا سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جيڪي جتين تي زريءَ جو ڪم ڪندا ھئا ۽ زنانيون جتيون زريءَ تي ٺاھيندا ھئا، شھر جي موچين جو مال حيدرآباد ۽ ھالا جي دڪاندارن جو ٻوليل ھوندو ھو. ڀنين ۾ چمڙي جي رڱاوت جو ڪم ۽ ڪاٺ جي ڪرسين، ميزن، ڪٻٽن، کٽن ۽ پلنگن جو ڪم سٺو ٿيندو ھو، خاص ڪري ڪجاون ۽ پلٽن جو ڪم، پسنديءَ جھڙو ٿيندو ھو. گيھه، ماکيءَ ۽ سرنھن جي تيل جو واپار به ھن شھر سان ٿيندو ھو. ھن شھر ۾ گھاڻا به ڪافي ھوندا ھئا. مڃٺ جون ڪاٺيون، سرنھن ۾ پيڙڻ وقت وجھندا ھئا ته تيل ڳاڙھو ٿيندو ھو. ڀنين جي ڪناري تي شِو مھراج جو هڪ مندر ھو، جنھن ۾ ڦڳڻ مھيني ۾ شِو جو ميلو لڳندو ھو، جنھن تي ٻاھرين ماڻھن جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون ھيون ۽ وڏو ميلو لڳندو ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو