ڀِرنڊَ

ڀِرنڊَ: تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديهه ۽ هڪ ڳوٺ.’ڀرنڊ‘ هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ماڇي ۽ پنهور رهن ٿا. هن ڳوٺ جي آدمشماري 5000 کان مٿي آهي. ڳوٺ جو اصل نالو ”ڀُرٽهنڊ“ هو، جنهن منجهان ”ٽ“ ۽ ”هه“ حذف ٿي ويا. شايد هيءُ ڀرٽن جو ڳوٺ هو، جيڪو بدلجي ”ڀرنڊ“ ٿي پيو. ڀُرٽ، پنهورن جو پاڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو