ڀُرڻُو1

ڀُرڻُو: ھيءُ پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاهه آھي. جنھن کي ”ڀرڙ“ به چوندا آھن. ھيءَ گاهه سنھڙين سُين جھڙو ٿيندو آھي. ھن گاهه کي مڇيون به کائينديون آھن ته چوپايو مال به، جڏھن ڍنڍ جو پاڻي سڪڻ لڳندو آھي ۽ ڪناري تي گاهه ظاھر ٿيندو آھي ته ٻن ٽن ڏينھن اندر سڪي ڀرڙ ٿيندو آھي، تڏھن مال کائيندو اٿس. آلي گاهه ۾ گج ۽ سينور جي بوءِ ھوندي آھي. تازي گاهه ۾ وري گپ ٿيندي آھي. جڏھن گپ سڪي ويندي آھي. تڏھن مال هي گاهه چرندو آھي. ڀَرڻو مڇيءَ لاءِ به سٺو کاڌو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو