ڀَڀُوتِ

ڀَڀُوتِ: مندر جي ڌوڻيءَ جي رک، جيڪا ’شو‘ جا پوڄاري ساڌو، پنھنجي بُت کي مليندا آھن. اها ڀڀوت گھڻو ڪري ڳئونءَ جي ڇيڻي جي ڇار هوندي آهي، جيڪا سنياسي يا پوڄاري پنھنجي بت تي مليندا آھن. ڳئونءَ جي ڇيڻي جي رک، ھندن جي عقيدي موجب شو مھراج پنھنجي بدن کي سگھاري ڪرڻ لاءِ لائيندو هو ۽ شِوَ جا پوڄاري ساڌو پنھنجي بت تي مليندا ھئا. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سر رامڪليءَ جي بيت ۾ اُن جو هن ريت ذڪر آهي:
”ڪالهه گڏيو سون ڪاپڙي، بابو رنگ ڀڀوت“


هن صفحي کي شيئر ڪريو