ڀَوانِي

ڀَوانِي: ڪراچيءَ کان لس ٻيلي ڏانھن ويندڙ رستي تي ھڪ منزل جو نالو، ھندن جي عقيدي موجب ”ڀواني“ شِو مھراج جي استريءَ (مھا ديوي، پاروتي) جو نالو آھي. ڀواني ديويءَ جي نالي تي ٺَڪُرن ۾ جَون ۽ مٽرن جي پوک جو رواج ھو. ھندن جي ھڪ رسم موجب اسو ۽ چيٽ جي پھرين نون ڏينھن ۾ ڀواني ديويءَ کي راضي رکڻ ۽ پوڄا لاءِ ورت رکيو ويندو ھو، جنھن کي ”ڀوانيءَ جا ايڪھڻا“ چوندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو