ڀوڪرُ

ڀوڪرُ: ٿرپارڪر ۽ ننگرپارڪر جي شهر وٽ ڪارونجھر جبل ۾ هڪڙي نموني جو ڪچو پٿر ٿئي ٿو، جيڪو ان ٽڪر جي واريءَ مان ٺهيل آهي. ان پٿر کي ڀوڪر جو پٿر چوندا آهن. پارڪر جا غريب ڳوٺاڻا اهو پٿر سولائيءَ سان ڇِپن يا چاپوڙن جي شڪل ۾ ڪڍي، ان کي ٽُڪي، گھَڙي، انهيءَ مان سرون گھڙيندا آهن ۽ انهن سرن مان پنهنجون جايون ٺاهيندا آهن. ڀتيون ڀوڪر جون ۽ ڇتيون ڇپرن جون جوڙيندا آهن. ڀوڪر جي پٿر جي خاصيت آهي ته جيئن ان جي مٿان پاڻي پوندو تيئن سخت ٿيندو ۽ ڳرندو به گھٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو