ڀونوچ سمنڊ

ڀونوچ سمنڊ

ڀونوچ سمنڊ

ڀونوچ سمنڊ: هيءُ سمنڊ ’بحيره روم‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي ‘The Mediterranean Sea’ سڏيو وڃي ٿو. اهو لفظ لاطيني ٻوليءَ جي ‘Mediterrraneus’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’زمين جي وچ ۾‘ آهي. ڇو ته هن سمنڊ جي چوڌاري زمين پکڙيل آهي. انهيءَ ڪري اسان وٽ ان کي ڀون + وچ (ڀونوِچ) سمنڊ سڏيو وڃي ٿو.
زمين ۾ گهيريل هي وڏو سمنڊ يورپ جي ڏکڻ ۾؛ آفريڪا جي اتر ۾؛ ڏکڻ ايشيا جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. ڀونوِچ سمنڊ جي اولهه ۾ يورپي ملڪ قائم آهن. اولهه طرف آبنائي جابلو سلسلي ذريعي هي بحر اوقيانوس سان وڃي ملي ٿو. ڀونوِچ سمنڊ 2325 ميل ڊگهو ۽ 500 ميل ويڪرو آهي.


لفظ ڀونوچ سمنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو