ڀولڙو

ڀولڙو

ڀولڙو

ڀولڙو: جھنگلي جانور جو ھڪ قسم، جنھن کي ”ڀولو“ به چوندا آھن. ھي وڻن تي رھندو آھي ۽ وڏا وڏا ٽپ ڏئي ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين پڄندو آھي، انھيءَ طرح سڄي جھنگ ۾ ھلندو رھندو آھي. ڀولڙي جو پڇ سندس جسماني توازن قائم رکڻ ۾ مدد ڏيندو آھي. ڀولڙو اڪثر خاموش رھندو آھي پر ڪنھن ڪنھن وقت ”خر خر“ جو آواز ڪڍندو آھي ۽ ويڙهه وقت ته گھڻو شور ڪندو آھي. ڀولڙي جي خوراڪ جھنگلي ميوا ۽ ڪچا پن آھن. خوراڪ ڳلن اندر ڀري آرام سان ويھي چٻاڙيندو آھي. ھن جي ڳلن ۾ خوراڪ کي ذخيري ڪرڻ لاءِ ٿيلھيون ٺھيل ھونديون آھن. ڀولڙا گروھن جي صورت ۾ رھندا آهن ۽ سڀني کان طاقتور ڀولڙو سندن سردار ھوندو آھي. ٻئي گروهه جي ڀولڙي کي پنھنجي برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ نه ڏيندا آھن. مادي گھڻو ڪري ھڪ ٻچو ڏيندي آھي ۽ ان سان گھڻو پيار ڪندي آھي ۽ اھو اڪثر سندس پٺيءَ تي سوار رھندو آهي.
ڊاروَن جي ارتقائي نظريي مطابق انسان باندر جو سڌريل نسل آھي. ھن جي سمجھه، عضوا ۽ حرڪتون سواءِ انسان جي ٻين سڀني جانورن کان سڌريل آھن.
عام طرح سنڌ ۾ جنھن جانور کي ”ڀولڙو“ چئبو آھي، ان جا چمپانزيءَ کان لنگور تائين ڪيترائي قسم آھن، جيڪي شڪل جي لحاظ کان ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. سنڌ ۾ ڀولڙن جو نسل هن وقت ڪو نه ٿئي، ليڪن ھتي ڀولڙا ٻين پھاڙي علائقن مان ڦاسائي آندا ويندا آھن.
ڀولڙو جھنگلي ۽ پالتو جانور آھي، ھن جو نڪ ڦٿل ھوندو آھي. هن جون اکيون مٽر وانگر، نرڙ سوڙھو ۽ ڏند تکا ٿيندا آهن. ھن جو پڇ ڊگھو ۽ سڌو ھوندو آھي. گھڻي ڀاڱي ھن جا وار ڀورا ٿيندا آھن. ڀولڙو اھڙن جانورن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ملڪن ۾ ٿين ٿا. قد ڪاٺ ۾ ھن جنس جي جانور جي بيھڪ مختلف ٿئي ٿي. ٻيلن ۾ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين ٽپا ڏيندو آھي، انھن ٺينگ ٽپن ۾ ئي ھي سفر ڪندو آھي، جتي ھن جا ھٿ ناھن پھچندا اتي پڇ کان ڪم وٺندو آھي ڀولڙو ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو آھي. سرڪسن ۽ چڙيا گھرن ۾ ھي ماڻھن جي نظر جو مرڪز ھوندو آھي. ڀولڙو ماڻھن جي اهل ڪرڻ خوب ڄاڻي. ھي ھر ڳالهه سکڻ جي اھليت رکي ٿو. خوراڪ ۾ ڀولڙو ھلڪي غذا استعمال ڪندو آھي، اڪثر ڪري ميوا کائيندو آھي. ننڍا پکي، آنا وغيره به کائيندو آھي (وڌيڪ تفصيل ڏسو: ”باندر“).
هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ جي هڪ ڪردار ۽ راوڻ سان يُڌ وقت شري رامچندر جو ساٿ ڏيندڙ ۽ سيتا کي لنڪا ۾ ڳولي لهندڙ ’هنومان‘ به ڀولڙن جي نسل مان هو (وڌيڪ ڏسو: هنومان).


لفظ ڀولڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو