ڀوتار

ڀوتار: ھيءُ لفظ اصل ۾ ”براھوي“ ٻوليءَ جو آھي، جيڪي زمين جي مالڪ يا زميندار لاءِ ”ڀوتار“ طور استعمال ڪندا آھن، اصل ۾ ”ڀوتار“ ڳوٺ جو اھو شخص ٿيندو آھي، جيڪو سڄي ڳوٺ جي ڍل وصول ڪري، سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي، اتر سنڌ ۾ معزز شخصيت کي به ”ڀوتار“ چوندا آھن، خاص ڪري جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ قومي سردارن يا معزز شخصن لاءِ هي عزت وارو خطاب آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو