ڀَنگَ

ڀَنگَ

ڀنگ

ڀَنگَHemp (Cannabis Stiva):ھڪ قسم جي نشيدار ٻوٽي، هن ٻوٽي کي انگريزي ۾ Hemp، عربيءَ ۾ ورق الخيال، فارسيءَ ۾ حشيش، بنگاليءَ ۽ گجراتيءَ ۾ ڀانگيه، سنسڪرت ۾ گنجڪا ۽ لاطينيءَ ۾ Cannabis Sativa Linn چئبو آهي. هي ڀنگ Cannabaceae جي آڪهه مان آهي. هن جا گل، پن ۽ ڪاٺيون نشيدار شين جي تياريءَ ۾ ڪم اينديون آھن. شروعاتي دور ۾ ھيءَ ٻوٽي فقط ايشيا ۾ ٿيندي ھئي، پر ھاڻي سڄيءَ دنيا ۾ ھن جي پوک ٿئي ٿي، جيئن ته ھيءَ ٻوٽي ۽ ھن ٻوٽيءَ مان ٺھيل شيون انساني صحت لاءِ نقصانڪار آھن، اُن ڪري گھڻن ملڪن ۾ ھن جي پوک تي پابندي لڳائي وئي آھي. ڀنگ جي استعمال سان حواس، معدو ۽ اکيون بيڪار ٿي وينديون آھن. ھيءَ ٻوٽي جلد واڌ کائيندڙ آھي. ھن ٻوٽيءَ جا گل پيلا ۽ ساوا ۽ نھايت خوشبودار ٿين ٿا. سنڌ ۾ ڀنگ جو واھپو گھڻو آھي. ڀنگ موالين وٽ گرميءَ جي مند ۾ مشروب طور استعمال ٿئي ٿي. ڪي خاص پياڪ ته ڀنگ ۾ ست مغز، شربت ۽ کير وغيره وجھي پيئندا آھن. سنڌ ۾ ھن ٻوٽيءَ جي پوک به ٿيندي آھي، ان ھوندي به ڪي عادي پياڪ جھنگ ۾ لڪ واري ھنڌ تي ٻه ٽي ٻوٽا پوکي ڇڏيندا آھن. مارشل لا دور ۾ ته ڪن شوقينن ڪونڊين ۾ به ڀنگ پوکي ھئي، ڪٿي ڪٿي ڀنگ جي پنن کي گھوٽي، پاڻي ملائي، تفريح طور پيئجي ٿي، ان جي پيئڻ سان خاص قسم جو نشو ٿيندو آھي، بک گھڻي لڳندي آھي ۽ ننڊ به ڏاڍي ايندي آھي. ڀنگ جو لاڳيتو استعمال نقصانڪار آھي. گھڻي ۽ گھاٽي ڀنگ پيئڻ سان موت به واقع ٿين ٿا. حڪيم يا جراح، نشتر ھڻڻ وقت، ماڻھوءَ کي بيھوش ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو گيهه ڪم آڻيندا ھئا.
سنڌ ۾ 1920ع ڌاري سيوھڻ تعلقي جي بوبڪ شھر ۽ ان جي آسپاس ڀنگ جام پوکائي ويندي ھئي. آبڪاريءَ جو عملو پنھنجي روبرو ٻج ڇٽائيندو ھو ۽ پوک جي سموري پوئواري ڪندو ھو. فصل تيار ٿيڻ تي لڻائي، ڪٽائي، سٽائي، سموري ڀنگ کڻائي سرڪاري گدامن ۾ آڻي رکبي ھئي. جتان پوءِ ليسن بردار گتيوالن کي ورھائي ڏني ويندي ھئي. بوبڪ جا طوطا ڀنگ کائي وڻن تي ويھندا ھئا ۽ نشي ۾ الوٽ ٿي پٽ تي ڪري پوندا ھئا، ان تان پھاڪو ٺھيو ته، ”تون ته ڪو بوبڪ جو طوطو آھين“.
ڀنگ جي پوک خيرپور رياست ۾ به ٿيندي ھئي. ھن وقت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڀنگ جي پوک ٿيندي آھي، جنھن جي ٻج مان تيل، صابڻ ۽ وارنش وغيره ٺاھيا ويندا آھن. ڀنگ گھوڙن جي علاج ۾ پڻ ڪم ايندي آھي، يعني نشي طور استعمال ٿيندي آھي. پورو وزن ڏيڻ سان جانور ننڊاکڙو ٿي پوندو آھي، اٿي نه سگھندو آھي، ۽ ان جو اثر 24 ڪلاڪ رھندو آھي. ڀنگ جانورن ۾ سخت سور جي حالت ۾ به استعمال ڪبي آهي. خاص ڪري پيٽ جي سور، آنڊن جي سوڄ، آنڊن جي وٽجڻ جي صورت ۾ ڏني ويندي آھي. اڄ ڪلهه ’ڪلورل ھئڊراس‘ گھڻو استعمال ٿئي ٿو. تشنج (ٽيٽنس) جي دورن (جھٽڪن) کي روڪڻ لاءِ به ڀنگ استعمال ڪئي ويندي آهي.
پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ به وڏي تعداد ۾ جهنگلي ڀنگ ٿيندي آهي .


لفظ ڀنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو