ڀن

ڀن: مهاڻن وٽ مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن، جن ۾ پئي، ڇٽ، ڪڙهي، ڄارو، تنب ۽ اوجهڻ وغيره مشهور آهن، پر ڀن جي شڪار ڪرڻ واري طريقي مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شڪاري زماني جو يادگار طريقو آهي. جڏهن انسان گڏيل طريقي سان شڪار ڪري زندگي گذاريندو هو، ان وقت گهڻي ڀاڱي دنيا ۾ مائيتو نظام هو. هن وقت ٻين هنڌن تي به سنڌ ۾ مڇي مارڻ جو هي طريقو ڪي قدر هلي ٿو، پر منڇر تي ان جو رواج عام آهي. هن شڪار ۾ عام قسم جو ڄار استعمال ٿيندو آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ ڪاٺيون کوڙي ڦيرايو ويندو آهي. اهو پري کان اڻ سڌو گول ٿي بيهندو آهي، صرف هڪ پاسي کان کليل هوندو آهي ته جيئن مڇي ان کليل پاسي کان ڀن ۾ ٽپي. ڄار صفا تري کان پاڻيءَ جي سطح کان ٻه ٽي فوٽ مٿي ٻڌل هوندو آهي ته جيئن ٽپا ڏيندڙ مڇي نڪري نه سگهي. ڏهاڪو کن ٻيڙين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار چڙهي اوسي پاسي کان وڏا وڏا آواز ڪڍندا آهن، آوازن سان گڏ ٿالهيون، ڪنجهيون، وٽا ۽ ٻيا هٿ سان وڄائڻ وارا ٿانو ٿپا وڄائي وڏو آواز پيدا ڪندا آهن ۽ پنهنجو آواز ”ها-ها-هو-هو-هرهر“ وغيره به ٿانون جي آوازن ۾ شامل ڪري مڇيءَ کي ٽاهه ڏيندا آهن. مڇي ڀن جي ڇڏيل ”ڳٿي“ مان اندر ويندي آهي ۽ پوءِ اوچتو سڀئي ماڻهو ڀن جي ڇڏيل ڳٿي وٽ پاڻيءَ ۾ لهي هٿن سان مڇي وٺندا آهن، جيڪا ڄار جي پاسن کان ڊنل حالت ۾ بيٺل هوندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڪي خاص قسم جون مڇيون وغيره ڄار کي ڌڪ هڻندي وڌيڪ ڦاسي پونديون آهن. ڄار جي تري ۾ ڳوٿرين ۾ به، جن کي ”گجا“ چون، مڇي ڦاسندي آهي، اُها جهول وانگر ٺاهيل هوندي آهي. ڀن ڄار نه آهي، پر انهيءَ سڄي شڪار جي طريقي ۽ مانڊاڻ کي ”ڀن“ چوندا آهن. اصل ۾ هي شڪار ڏسڻ جي شيءِ آهي، جنهن ۾ اندازو ٿيندو ته شڪاري دور ۾ ماڻهو ڪيئن گڏيل نموني شڪار ڪندا هئا. هن شڪار جي طريقي سان هڪ ئي وقت ڪي ٽيهه-چاليهه مڻ مڇي مري سگهندي هئي. موجوده وقت پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب منڇر يا درياهه ۾ ڀن جو شڪار ڪو نه ٿو ٿئي.


لفظ ڀنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


شڪار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽاريءَ جو شڪار
آڏڻ
ڀن
شڪار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون