ڀاڻ

ڀاڻ

ڀاڻُ

ڀاڻُ(Fertilizer):چوپائي مال جي ڇيڻي ۽ ڦولھڙين کي ڀاڻ چئبو آھي، جيڪو پوکيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ ڏبو آهي، جنهن کي وٿاڻ جو ڀاڻ به چئبو آھي، قدرتي ڀاڻ خوراڪ وارن جزن کي ضايع ٿيڻ کان بچائي ٿو. انھيءَ ڀاڻ سان فصل ۾ فاسفورس ۽ آئرن جي فراھميءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. هي ڀاڻ جو هڪ عام قسم آھي، پر ھن وقت ڀاڻ جا ڪيترا هٿرادو قسم به ايجاد ٿي چڪا آھن، جن سان ٻوٽن ۾ واڌ ويجهه ۽ خوراڪي جزن جي حفاظت ۾ مدد ملي ٿي. مثال طور:

(الف) سائو ڀاڻ: فصل کي سائي حالت يا لوب کان پوءِ بچيل کُتن، سُنڍين ۽ پنن جي تازيءَ حالت ۾ زمين اندر ملائي ڇڏڻ کي ”سائو ڀاڻ“ چئبو آھي. ھن ڀاڻ ۾ وٿاڻ واريون سموريون خوبيون موجود ھونديون آھن. هي سائو ڀاڻ زرخيزيءَ جو بھترين ذريعو آھي. جنهن ۾ نائٽروجن جهجهي مقدار ۾ ملي ٿي. نائٽروجن هڪ اهم ڪيميائي عنصر آهي، جيڪو ٻوٽي جي خوراڪ ۾ گهربل آهي.

(ب). ڪيميائي ڀاڻ: ھيءُ ڪيميائي ڀاڻ آهي، جيڪو وونئڻن جي واڌ ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ ۾ نائٽروجن کان پوءِ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ اھم ڀاڻ آھي. پوٽيشيم جي استعمال سان ٻوٽن جون پاڙون زمين اندر گھڻيون ھيٺ ھليون وينديون آھن، جنھنڪري ٻوٽا زمين مان پاڻي ۽ خوراڪ گھڻي مقدار ۾ جذب ڪري، پيداوار ۾ نمايان اضافي جو سبب بڻبا آهن. عام طرح ڪاربان، ھائڊروجن، آڪسيجن، نائٽروجن، فاسفورس، پوٽيشم، سلفر، ڪئلشيم، مئگنيشيم، آئرن، زنڪ، ڪاپر، ڪلورين، سوڊيم، سليڪاٽ ۽ ڪوبالٽ کي ٻوٽن جي متحرڪ قوت چيو ويندو آھي. وونئڻن جي فصل لاءِ زمين جي مختلف قسمن لاءِ ڪيترا ئي ڪيميائي ڀاڻ ۽ انھن جا قسم استعمال ڪجن ٿا، جهڙوڪ: يوريا ۽ نائٽرو فاس، يوريا ۽ ٽي ايس پي، يوريا ۽ ايس. ايس. پي، امونيم سلفيٽ ۽ نائٽرو فاس، ۽ امونيم نائٽريٽ ۽ نائٽرو فاس وغيره، انھن ڇھن ميلاپن مان ڪو به ھڪ ميلاپ زمين جي قسم کي مد نظر رکي استعمال ڪرڻ گھرجي. مثال طور:

(الف) ڀلي زمين يا وچولي ڳري زمين: ھن قسم جي زمين ۾ مٿي ڏيکاريل ڇھن ڀاڻن جي ميلاپ مان ڪو به ھڪڙو ميلاپ ڪم آڻي سگھجي ٿو.

(ب) ھلڪي قسم جي زمين ۾ يوريا ۽ ٽي ايس پي ۽ يا ڪو مناسب ميلاپ وارو ڀاڻ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون آھي.

(ج) ڪلراٺي يا ڏنگاڇي زمين: ھن قسم جي زمينن ۾ نائٽروجن وارن ڀاڻن مان امونيم نائٽريٽ يا امونيم سلفيٽ ۽ فاسفورس وارن ڀاڻن مان ٽي ايس پي يا ايس ايس پي نائٽرو فاس استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون ۽ بھتر آھي، ڇاڪاڻ ته انھن ڀاڻن ۾ تيزابي اثر ھجڻ سبب ڪلر گھٽجي وڃي ٿو.

ڀاڻ جي مختلف خوراڪي جزن جو ھڪ ٻئي سان گھرو تعلق آھي. ڀاڻ جي متوازن استعمال سان زمين ڪمزور ٿيڻ کان محفوظ ۽ طاقتور رھي ٿي. متوازن ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان وونئڻن جي بيمارين جھڙوڪ: سوڪھڙي، رتي، موراهي يا پاڙن جي ساڙ وغيره جي خلاف بچاءَ جي طاقت ۾ اضافو اچي ٿو. متوازن ڀاڻ جو مقصد اهو آھي ته گھربل ڪيميائي ڀاڻن سان گڏ وٿاڻ جي ڀاڻ يا سائي ڀاڻ جو استعمال به ڪرڻ گهرجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو