ڀاڄيون

ڀاڄيون

ڀاڄيون

ڀاڄيون (Vegetables ):ڀاڄيون انسان جي زندگيءَ سان گھرو تعلق رکن ٿيون، جن ۾ مختلف وٽامن، جھڙوڪ: اي، بي، سي ۽ نشاستو، لحميات ۽ سڻڀ وارا خوراڪي جزا به موجود ٿين ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ ربيع توڙي خريف جي مندن ۾ جدا جدا ڀاڄيون پوکيون وڃن ٿيون. مثال طور:
(الف) ربيع وارين ڀاڄين جي پوک:
1. بصر: ٻيجارو جولاءِ کان آگسٽ تائين پوکبو آھي ۽ ان جو رونبو آگسٽ کان سيپٽمبر تائين ھلندو آھي.
2. بند گوبي/پن گوبي: ھيءَ ڀاڄي آگسٽ کان آڪٽوبر تائين پوکي ويندي آھي ۽ ان جو رونبو سيپٽمبر کان نومبر تائين ڪندا آھن.
3. ٿوم: ٿوم آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين پوکجي ٿي.
4. ٽماٽا: ٽماٽن جو ٻيجارو جون کان آگسٽ تائين پوکبو آھي ۽ ان جو رونبو جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ڪيو ويندو آھي.
5. پالڪ: ھي ءَ آگسٽ کان ڊسمبر تائين پوکي ويندي آھي.
6. پتائي گجر: ھن جي پوک آگسٽ کان نومبر تائين ڪئي ويندي آھي.
7. پٽاٽو: هيءَ ڀاڄي سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين پوکي وڃي ٿي.
8. ڌاڻا: ڌاڻا آگسٽ کان ڊسمبر تائين پوکبا آھن.
9. ڪچالو: هيءَ ڀاڄي آڪٽوبر کان نومبر تائين لڳائجي ٿي.
10. گل گوبي: ھيءَ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پوکبي آھي ۽ ان جو رونبو جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ھلندو آھي.
11. گوگڙو: ھن جي پوک آگسٽ کان نومبر تائين ٿيندي آھي.
12. مٽر: هيءَ ڀاڄي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين پوکي وڃي ٿي.
13. مُوري: جولاءِ کان جنوريءَ تائين پوکبي آھي.
14. ولائتي مٽر: ھي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين پوکي سگھجن ٿا.
15. ھرٻو/ ميٿي: هُرٻي يا ميٿيءَ جي پوکائي سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين ٿيندي آھي.
(ب) خريف وارين ڀاڄين جي پوک:
1. ڀينڊيون: ھي فيبروريءَ کان جولاءِ يا آگسٽ تائين پوکبيون آھي.
2. توريون: فيبروري- مارچ ۽ جون- جولاءِ ۾ پوکبيون آھن.
3. پيٺو: ڊسمبر کان اپريل ۾ پوکبو آھي.
4. چؤنرا: فيبروريءَ ۽ مئي ۾ پوکبا آھن.
5. ڪدو: فيبروري، مارچ، جون ۽ جولاءِ ۾ پوکبا آھن.
6. ڪريلا: فيبروريءَ کان مارچ، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوکبا آھن.
7. گوار: فيبروريءَ ۾ پوکبي آھي. ھونئن وونئڻن سان گڏ ڪتيءَ جي مند ۾ به پوکبي آھي. ٿر ۾ گوار وسڪاري کان پوءِ پوکيندا آھن.
8. مرچ: مرچ فيبروريءَ کان مارچ يا نومبر ۽ جون ۾ پوکبا آھن. مرچ ٻيجاري ذريعي پوکبا آهن.
9. ميھا: فيبروري- مارچ ۽ جولاءِ- آگسٽ ۾ پوکبا آھن.
10. واڱڻ: فيبروري ۽ سيپٽمبر ۾ پوکبا آھن.هيءَ ڀاڄي به ٻيجاري ذريعي پوکي ويندي آهي.
ڀاڄين جي غذائي اھميت ان ڪري آھي، جو اُهي انساني معدي جي تيزابيت کي گھٽ ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڀاڄين ۾ گھڻو ڪري الڪلائن خاصيت موجود ھوندي آھي جيڪا معدي جي ڳراڻ ۽ تيزابيت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. سمورين ڀاڄين ۾ مختلف معدني جزا ٿين ٿا، جيڪي انساني صحت لاءِ ضروري ٿين ٿا، جھڙوڪ: ٽماٽن، مورين، چقندر ۽ ونگن ۾ پوٽيشيم موجود ھوندو آھي. پالڪ، سلاد، ساڳ ۽ بند گوبيءَ ۾ لوهه/ فولاد جا جزا ٿين ٿا. ونگي، پالڪ ۽ گل گوبيءَ ۾ ٽامي جا جزا گھڻي ڀاڱي ٿين ٿا۽ ڦرين، گوگڙن ۽ ساڳ ۾ ڪئلشيم موجود آھي.ڀاڄين کي به بيماريون لڳنديون آھن، پر خاص ڪري جن ڀاڄين کي بيماري لڳندي آھي، تن ۾ ٽماٽا، پٽاٽا، بصر، ڌاڻا، پالڪ، مٽر، ڀينڊي، مرچ ۽ واڱڻ قابل ذڪر آھن. آبادگار، زرعي ماھرن جي مشوري سان دوائن ذريعي انھن بيمارين جو علاج ڪندا رھندا آھن.


لفظ ڀاڄيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو