ڀانڊاري

ڀانڊاري

ڀانڊاري/ڀنڊالڙي

ڀانڊاري/ڀنڊالڙي: پئسن گڏ ڪرڻ لاءِ مٽيءَ مان ٺھيل ھڪ قسم جي کڏڻي يا ڀت ۾ ٺھيل جارو، ڀنگالڙو، ڀانڊاري يا ڀنڊالڙي ٻن قسمن جي ٿيندي آھي. گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ مٽيءَ مان ننڍڙو جارو ٺاھبو آھي، جنھن ۾ ريزگاري يا بچت وارا پئسا وجھبا آھن، ان کي ”کڏڻي“ به چوندا آھن ته ”گُگهه“ به. ٻيو قسم ٺڪر جي ٽڀي جهڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ پئسن وجھڻ لاءِ سوراخ ٺھيل ھوندو آھي، ان کي ’ڀانڊاري‘ يا ’ڀنڊالڙي‘ چوندا آھن. ھن وقت گھرن مان ’کڏڻي‘ جو رواج ختم ٿي ويو آھي، پر ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڪثر ٻار ڀانڊاري خريد ڪري، ان ۾ سِڪا وغيره جمع ڪندا آهن. اتر سنڌ ۾ ان کي ”ڀانڊارو“ به چون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو