ڀانڀري

ڀانڀري: تـعلقـي نوشـھـري ۾ ھـڪ ديـهـه، جـنـھـن ۾ 8 ڳــوٺ آبـاد آھــن. هــن تي ”ڀنڀرا“ ذات جي ڪري اھو نالو پيو. ھيءَ ديهه اسٽيشن پڊعيدن کان ويندي پراڻي پڊعيدن تائين ڏکڻ ۾ پکڙيل آھي. ھيءُ ڳوٺ حمل نالي ڀنڀري ٻڌرايو هو. ھن وقت ھتي ڀنڀرا، ماڇي، انصاري ۽ راڄپر رھن ٿا. ھن ڳـوٺ جـي آبادي هـزار کن آھـي. ھـن ديـهه ۾ ٻيـا ھيـٺيان ڳـوٺ آباد آھـن: ’ڀـونگر ماڇـي‘، ’رسـتم لاشاري‘، ’گاھـڻ لاشـاري‘، ’خميـسو ماڇـي‘، ’نـوڪـر پٺـاڻ‘، ’عبدالحڪيم خاصخيلي‘. ھتي لاشاري ۽ راڄپر به رھن ٿا.


لفظ ڀانڀريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو