ڀانَ

ڀانَ: ھڪ ذات جـو نـالــو، سـنـڌ جـي آڳـاٽــن ميـراثـي فـقـيــرن جـي بـرادري، جــن جو خـاص پيـشـو ڪيـرتـون ڪـرڻ ۽ دان وٺـڻ ھـو. سـنـدس مـشـھـور پاڙا ’آمناڻي‘، ’ڇنڊيا‘،’ھرٻا‘، ’موتيا‘، ’ليڏا‘، ’دالا‘، ’ڇناڻي‘ ۽ ’چني پار‘ آھن. چون ٿا ته ’چني پار‘ پاڙي مان ’اِجن فقير‘ ٿيو، جنھن ’ڄام انڙسمي کان دان ورتو. ڀاڳوڀان سومرن جي دور جو عوامي شاعر ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو