ڀاريا

ڀاريا: زال يا عورت. ”راڳ“ جي ڏند ڪٿا موجب اھا راڳڻي، جيڪا ڪنھن ٻئي راڳ جي عورت (راڳڻيءَ طور) شمار ٿئي، اھو اصطلاح راڳن ۽ راڳڻين بابت آڳاٽي وقت کان رائج آهي، جنھن ۾ جملي راڳن ۽ راڳڻين کي ھيٺ ڄاڻايل راڳن ۾ ورھايو ويندو ھو:
راڳ ڀيرو‘، ’راڳ مالڪوس‘، ’راڳ ھنڊول‘، ’راڳ ديپڪ‘، ’راڳ سري‘ ۽ ’راڳ ميگھه‘. انهن مان ھر ھڪ راڳ ۾ وري ڪيتريون ئي راڳڻيون ڏنل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو