ٿڏو

ٿَڏو: چَڪي (وڻ يا ٻوٽي جي). ڪنهن ٻوٽي يا وڻ کي ڪڍي ٻئي هنڌ لڳائڻ لاءِ کڏ کوٽي ٻوٽو يا وڻ پاڙن سوڌو ۽ پاڙن جي چوڌاري گول دائري ۾ مٽي ڪوري ڪڍڻ کي”ٿڏو“ چوندا آهن. ٻُوٽو ننڍو هوندو ته اُن جي ”چڪي“ ٿيندي آهي، پر وڏي ۽ سال ٻن جي چَڪيءَ کي ”ٿڏو“ چئبو آهي.
عام اصطلاح ۾ ”ٿڏو پٽڻ يا ٿڏو کڻائڻ“، ڪنهن کي نيڪالي ڏيڻ يا پاڙون پٽي ڇڏڻ کي چوندا آهن.


لفظ ٿڏوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو