ٿڌڙي

ٿَڌِڙِي: هندن جو هڪ وڏو ڏينهن، جيڪو اونهاري جي مند پوري ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ملهائيند اآهن. هن ڏڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ ۾ مٺيون ۽ چهريون شيون ٺاهي رکندا آهن، جيڪي ٿڌڙيءَ واري ڏينهن تي مٽن مائٽن ۾ ورهائيندا آهن. ان ڏينهن تي چُلهه ڪانه ٻرندي، يعني تازا ۽ گرم کاڌا کائڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ان ڏينهن تي مندرن ۽ گهرن ۾ پوڄا پاٺ جو سلسلو هلندو آهي. ٿڌڙيءَ واري ڏينهن جي هڪ خاص رسم آهي. ”ڀيڻن طرفان ڀائرن کي رکڙي ٻڌڻ“. ان ڏينهن تي ڀيڻون ڀائرن جي وڏيءَ عمر لاءِ دعائون گهرنديون آهن. ڀائر وري ڀيڻن کي خرچيون ڏيندا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندن عزت جي حفاظت جو وچن ڪندا آهن .


لفظ ٿڌڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو