ٿڌاڻي

ٿڌاڻي: سنڌي هندن جي هڪ ذات. هن ذات جون حيدرآباد سنڌ ۾ ٻه آڪهيون رهنديون هيون. هڪڙا ٿڌاڻي گوسائينءَ واري گهٽيءَ (سري گهاٽ) جا رهواسي، جن جي نُک ”ڀاڳيا“ ۽ ٻيا ’نانهين جي پڙ‘ ۾ رهندڙ، جن جي نُک”کنگهر“ هئي.ڀاڳيو، مالدار کي جنهن وٽ گهڻيون ڳئون ۽ مينهون هجن، چئبو آهي. ڀاڳيا نک وارا پرمار سوڍن راجپوتن جي نسل مان آهن، جيڪي جيسلمير طرف کان آيا هئا ۽ اتي ”جسراج ڀٽا“ به سڏبا هئا. سندن گرو گوسائين هو. وٽن ڪو به وڏو تهوار يا ڪارج ٿيندو هو ته ديويءَ تي ٻڪر ٻل چاڙهيندا هئا. ٻڪر جي ٻل چاڙهڻ يا ان جو پتلو ٺاهي بَکُ ڪڍڻ جي رسم، ٻيءَ ڪنهن به عاملڪي آڪهه ۾ مروج نه هئي.
ٿڌاڻين جا وڏا، پنهنجي گروءَ گوسائين نرنجن گر سان گڏجي، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. سندن نک مان ”ڀاڳليله“ حيدرآباد، ڀريا، سيوهڻ، خداآباد ۾ آباد ٿيا.
ٿڌاڻين جو وڏو ڏاڏو ٿڌومل ۽ ان جا ٻه ڀائر بهارمل ۽ ڪلياڻ داس حيدرآباد ۾ اچي رهيا. سندن ٽيون ڀاءُ گيهي مل ۽ گيهي مل جي پٽ شوداس جي آڪهه وارا ٽلٽيءَ (تعلقي سيوهڻ) ۾ وڃي رهيا، جن گيهاڻي سڏايو. شِوداس گيهي مل جا پٽ رائسنگهه ۽ مڪومل هئا، جن جا پويان ”رائسنگهاڻي“ ۽ ”مڪواڻي“ ڪوٺائڻ لڳا. ديوان ٿڌي مل ڄيٺمل جي اولاد مان ڪيترا سرڪاري ملازم ۽ ڪيترا ميرن حڪمرانن وٽ اهم عهدن تي رهيا.
ٿڌاڻين جي ٻي نُک ”کنگهر“ مان ڪيترا وڃي ملتان رهيا ۽ ”اروڙ ونسي“ سڏائڻ لڳا. ٿڌومل، شوداس، ڏيون داس ۽ منسکداس ملتان ۾ رهندا هئا. ملتان جا ڪي ڦورو بعضي سندن گهر لٽي ويندا هئا. مهراج هرڪشنداس نالي هڪ برهمڻ کين سنڌ لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني. هي چارئي ڀائر ساڻس پيرين پنڌ سنڌ طرف گڏجي نڪتا. شڪارپور، موري، سيوهڻ ۽ مانجهند کان ٿيندا حيدرآباد پهتا. گدو بندر واري رستي تي کين ڪي ڦورو ڦري آيا، پئسو پنجڙ ڦرڻ سان گڏ کين زخمي ڪري ويا. ماڻهن مٿن رحم کائي کين گوسائين هرنام گرجي مڙهيءَ ۾ پڄايو، جتي سندن ملم پٽي ٿي، بعد ۾ گوسائينءَ جي معرفت چارئي ڀائر ميرن جي ملازمت ۾ آيا. مڙهيءَ ويجهو وڏا پَٽ مفت ۾ ملين، جتي جايون جوڙائي ويٺا. پرڻيا، مڱيا، ملتان وساري سنڌ جا ٿي ويا. ديوان ٿڌومل، جنهن جو اولاد ئي ”ٿڌاڻي“ سڏيو ويو، سي لڏي وڃي ’نانهين جي پڙ‘ ۾ ويٺا. شوداس جو اولاد جتي رهيو، اها ”شوداساڻي گهٽي“ اڄ سوڌي موجود آهي. ڏيون داس جي اولاد مان پروفيسر جيٺانند سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ديوان منسکداس جو اولاد گوسائينءَ واري گهٽيءَ کان ٿورو پري وڃي رهيو ۽ اها گهٽي ”منسکائين گهٽي“ سڏجڻ ۾ آئي .


لفظ ٿڌاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو