ٿيليم

ٿيليم

ٿيليم

ٿيليم (Thallium ): ٿيليم هڪ اڇو ڌاتي عنصر آهي، هن جي علامت TI ، ايٽمي نمبر 81 ۽ ايٽمي وزن 204.37 آهي. دؤري جدول (Periodic Table) ۾ هن عنصر کي IIIA گروپ ۾ رکيو ويو آهي. هن نرم ڌات جو پگهرڻ پد 302.5 درجا سينٽي گريڊ ۽ ٽهڪڻ پد 1460 درجا سينٽي گريڊ آهي.
زمين ۾ ٿيليم جو مقدار 0.00006 سيڪڙو آهي. هي ڌاتو گهڻو ڪري آئرن (لوهه)، ڪاپر (ٽامي)، سلفائيڊ ۽ سيلينائيڊ جي ڪچ ڌاتن ۾ ٿورڙي مقدار ۾ ملندو آهي. ٿيليم جي معدنيات اڻ لڀ آهي. عام طور تي ٿيليم کي ڳارڻ جي لاءِ نائٽرڪ ائسڊ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿيليم آڪسائيڊ هڪ سادو پائوڊر آهي ۽ ٿيليم هائيڊرو آڪسائيڊ هڪ طاقتور اساس آهي، جيڪو فضا مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ حاصل ڪندو آهي. ٿيليم نامياتي ڌاتو، مثال: R3TI ، R2TIX ۽ RTIX2 ٺاهيندو آهي. جڏهن ته R الڪائل ۾ ايرائل گروپ ۽ X هيلوجن کي ظاهر ڪندو آهي. هي عنصر، سَر وليم ڪروڪس (Sir William Crookes) 1801ع ۾ انگلينڊ مان ڳولي لڌو هو.


لفظ ٿيليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو