ٿومارو

ٿُومارو: ٿوم، اٽي ۽ لسيءَ (ڏڌ) مان ٺهيل (رڌل) ڳُنڌڻ، جيڪو ڪڙهيءَ وانگر گهاٽو ڪري باهه تي ٽهڪو ڏئي لاهبو آهي. گهڻو ڪري ”ٿومارو“ سياري جي مند ۾ ڇڊو ڪري ٺاهبو آهي. اهو وٽيءَ يا پيالي ۾ وجهي، سُرڪيون ڀري پيئڻ سان سيءَ کي ٿوريءَ دير لاءِ هٽائي ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿوم گرم وکر آهي. ٿومارو، اڪثر ٿر جا غريب ماڻهو ٺاهي ڀاڄيءَ طور مانيءَ سان کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو