ٿرڪي

ٿرڪي: ٻاڪري مال جو هڪ نسل آهي. هيءُ ٻاڪرو نسل فقط ٿر ۾ ملي ٿو، انهيءَ ڪري نالو ”ٿرڪي“ پيو اٿس. هن نسل جو رنگ ڪارو آهي، پر ڳاڙها جانور به لڀن ٿا. قد بت وچولو، بدن تي وار جهجها، مٿو ۽ ڪن وچولا، اوهه ڀريل، سال ۾ ڏاس 300 گرام لاهي ٿي. پالڻ جو مقصد کير، گوشت ۽ ڏاس آهي. ٿرڪي ٻڪري ڇاپرو نسل سان ڏيک ۾ ملي ٿي، پر ٿرڪي قد ۾ وڏي آهي .


لفظ ٿرڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو