ٿرديپ

ٿرديپ

ٿرديپ

ٿرديپ (T.R.D.P ): ٿرديپ هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم آهي، جنهن جو پورو نالو ’ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام‘ آهي. هيءَ تنظيم 1987ع کان ٿر ۾ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، شروع ۾ سيوَ دِي چلڊرين (SCF) پاران ڏنل هڪ پروجيڪٽ هيٺ آفيس کولي وئي ۽ بعد ۾ يونيسيف ۽ حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ٿرپارڪر رورل ڊيولپمينٽ پروگرام نالي هڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، جنهن بعد اڳتي هلي ساڳئي نالي ’ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام‘ سان هڪ تنظيمي شڪل اختيار ڪئي. هيءَ تنظيم 13 جولاءِ 1998ع تي سنڌ سرڪار وٽ سوسائٽيز ايڪٽ هيٺ رجسٽرڊ ٿي، هيءَ تنظيم هن وقت ٿرپارڪر، دادو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، خيرپور ۽ ڄامشوري ضلعن جي لڳ ڀڳ هڪ لک ميمبرن (Beneficiaries) سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.
ٿرديپ، ننڍن قرضن (Micro Credit)، صحت، تعليم، عورتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ ڏڪاري حالتن ۾ امداد مهيا ڪرڻ وارين سرگرمين ذريعي اثرائتو ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم جي جوڙجڪ ۾ جنرل باڊي، بورڊ ۽ مئنيجمينٽ ڪاميٽي شامل آهن. هن اداري جا تقريباً 600 جي لڳ ڀڳ ڪارڪن آهن. هن تنظيم جو چيف ايگزيڪيوٽوِ آفيسر، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي آهي، جڏهن ته چيف آپريٽنگ آفيسر ظفر جوڻيجو آهي. ٿرپارڪر جو نوجوان ليکڪ دليپ ڪوٺاري هن اداري ۾ پبليڪيشن آفسير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪو ٿرديپ جي ڪمن ڪارن بابت مواد، جهڙوڪ: مئگزين، رپورٽون، سماجي ڀلائيءَ بابت ڪتابڙا، مينوئل وغيره تيار ڪري سول سوسائٽيءَ ۽ ٻين ادارن کي موڪليندو رهندو آهي.
ٿرديپ گذريل ڪافي سالن کان ’ٿرديپ سماچار‘ نالي ٽماهي رسالو ڪڍندي رهي ٿي، جنهن ۾ ٿرديپ جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ٿر ۽ ٿر جي سماجي ڪمن بابت مواد شامل هوندو آهي، هن رسالي جو ايڊيٽر دليپ ڪوٺاري آهي .


لفظ ٿرديپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو