ٿاڌل

ٿاڌل: هڪڙي قسم جو فرحت ڏيندڙ شربت، جيڪو گرميءَ جي مند ۾ پيئبو آهي. ڌاڻا، وڏف، جيرو، چار مغز ۽ ٻيون شيون، مصريءَ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي ٿاڌل تيار ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه اها مشين ذريعي پڻ گهوٽي وڃي ٿي. ڪن هنڌن تي ٿاڌل ۾ پواڙي، گدري جا ٻج، ڪارا مرچ، نيلوفر، خس خس ۽ باداميون به گڏي گهوٽيندا آهن. هي خالص سنڌي مشروب آهي، سنڌ ۾ ٺٽي جي مشهور ’درس‘ دواخاني جي ٿاڌل ۽ نوابشاهه جي ”معاذ“ ٿاڌل وڏي پيماني تي مشهور آهي. هاڻي ڪي ٻيون ڪمپنيون به ٿاڌل ٺاهين ٿيون .


لفظ ٿاڌلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


شربت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿاڌل
شربت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون