پَڪا

پَڪا

پڪا

پَڪا (Caper Fruits): ڪرڙ جي وڻ جو ڦَل، جيڪو ڏيلهن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. ڏيلها ڪچا هوندا ته انهن کي ’ڏؤنرا‘ چئبو آهي، ۽ پچي ڳاڙها ٿيندا ته ’پڪا‘ سڏبا آهن. ڏؤنرن مان آلاڙو ۽ آچار ٺهندو آهي، سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري ٿر ۾ پڪن کي ميوي طور کائيندا آهن. پڪا سخت قبضي ڪندا آهن، ان ڪري هڪ پهاڪو مشهور آهي ”پئسي جا پڪا، ٽڪو لِنڊ ڪڍاڻي“. اهو پهاڪو ان وقت ڏيندا آهن، جڏهن ڪو ماڻهو ’پئسي جو پڪو‘ يا ڪنجوس هوندو آهي ۽ سستي هئڻ سبب (پڪن جهڙي) ڪا اهڙي شيءِ وٺي، جيڪا پوءِ کيس مهانگي پئجي وڃي.


لفظ پڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو