پٿراڻي

پَٿراڻي: اهو وڇاڻو، جيڪو هنڌ بستري ۾ ڪم اچي ۽ جنهن ۾ ڪپهه ڀريل هجي. ان کي ”رضائي“ به چوندا آهن. رليءَ جي مقابلي ۾ پٿراڻي وڌيڪ نرم هوندي آهي، جنهنڪري آسودگيءَ لاءِ کٽ توڙي پٽ تي وڇائڻ سان هنڌ/ بسترو نرم ٿيندو آهي، عام طرح پٿراڻي ڇهه فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري رکندا آهن. ان کان گهٽ ماپ جون به پٿراڻيون ٺهنديون آهن. پٿراڻيءَ لاءِ ٽي شيون ضروري آهن: هڪڙي کل، جنهن ۾ ڪپهه پوي، ٻي ڪپهه، (پٿراڻيءَ ۾ چار ڪلو کن ڪپهه وجهندا آهن) ۽ ٽيون ڇَهُه يا ڇَو، جيڪو پٿراڻيءَ کي ميري ٿيڻ کان بچائي ٿو. ڪي ماڻهو پٿراڻيءَ ۾ سُرهيون پسارڪيون شيون وجهندا آهن، جن کي ”بُويون“ چوندا آهن، جڏهن ته سرديءَ کان بچڻ لاءِ مٿان وجهڻ واري رضائيءَ کي ’سوڙ‘ به چئبو آهي، پر سوڙِ ڪجهه وڏي ۽ ڳري ٿيندي آهي.


لفظ پٿراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


هنڌ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿان
پٿراڻي
هنڌ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون