پٽراس

پٽراس: پٽراس مڇيءَ جو قسم آهي. پٽراس مڇي شڪل شباهت ۾ پلي جهڙي ٿيندي آهي. هن جي ڊيگهه ٻن انچن کان ٽن انچن تائين ٿئي ٿي. پٽراس مڇي ڦوٽو ۽ ننڍي سنهي آني به ڪندي آهي. درياهي دڙن وارن دُٻن ۽ کينجھن ۾ لڪندي آهي. اڃا انچ جھڙي ٿئي ته وڏي مڇي کايو ڇڏي، باقي ٻن کان چئن انچن واري کاڌي وڃي ٿي. پٽراس درياهه جي ڇڏيل پراڻ ۽ درياهه سان لاڳو ڍنڍن ۾ ملندي آهي. هيءَ مڇي خاص ڪري ملاح ماريندا نه آهن، پر پهريءَ وقت ڪن ٻين مڇين سان هي مڇيون به رڇن ۾ ڦاسنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن وڏي مڇيءَ جو رزق ملاحن کي جام ٿيندو آهي ته ننڍي مڇي ڇڏي ڏيندا آهن، يعني پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.


لفظ پٽراسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو