پِس

پِس (Colustrum ):ڳئن، مينهن يا ٻين جانورن مان ويامڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن تائين حاصل ٿيندڙ گهاٽو کير، اهو کير جيوُ مارڻ (Anti-bodies) وارين لحميات (Protein) سان ڀرپور هوندو آهي. هن ۾ عام کير کان وڌيڪ سڻڀا جزا هوندا آهن. جنهن کي هلڪي باهه تي رکبو ته مائي وانگر ٿي پوندو آهي. پس ٺاهڻ لاءِ ان ۾ ڦوٽا، کنڊ، پلاءُ جيري ۽ ٻيون شيون ملائي لذيذ مائي جهڙي پس جون ٽڪيون تيار ڪندا آهن. پِس کي ڪچي وارين ايراضين ۾ ”کڙَ“ به چوندا آهن.


لفظ پِسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو