پُستِ جو فصل

پُستِ جو فصل

پُستِ

پُستِ ( White Poppy ):هڪ قسم جو ٻوٽو آهي ، جنهن جي ڏوڏين جي رس مان آفيم ٺهندو آهي . ڏوڏيءَ مان اندران خسخس ملندي آهي ، جنهن کي پُست جي ڪَڻِ چئجي ٿو . پست جو گل سڀني گلن ۾ سهڻو ۽ چوپ ڳاڙهو ٿيندو آهي ، جنهن کي ” گلِ لاله “ به چيو ويندو آهي . هي آفيم جهڙي تاثير وارو ٿيندو آهي ، ان ڪري آفيم جا هيراڪ ، ڏوڏي جا ٽڪر ڪاڙهي پيئندا آهن . سنڌ ۾ انگريزن کان اڳ ٿوري گهڻي پست جي پوک ٿيندي هئي ، جنهن جي پيداوار دوا طور ڪم ايندي هئي . ڏوڏيءَ ۽ پست جي ڪڻ نشي آور شيون آهن . انگريزن پست جي پوک تي بندش هنئي ، جيڪا اڄ تائين قائم آهي . حڪيمن جو چوڻ آهي ته پُست جي ڪَڻِ جا تمام سنهڙا ۽ ڪاري اڇي رنگ جا گول داڻا ، ڪيترين بيمارين جي علاج ۾ مفيد آهن . ننڊ نه اچڻ جي حالت ۾ پست جو تيل ، مٿي تي مالش ڪرائڻ سان فائدو ٿيندو آهي . هي تيل خشڪي ، ٻڦي ، دماغ جي ڪمزوريءَ ۽ نبضن جي ڍرائيءَ جي حالت ۾ مالش ڪرائڻ سان فائدو ٿيندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو