پَٽُ2

پَٽُ2: پَٽُ يا ريشم اصل ۾ چين جي پيداوار آهي، جيڪو پوءِ ٻين ملڪن ۾ پيدا ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ پٽ (ريشم) جي ڪم ڪندڙ کي ”پاٽولي“ چوندا آهن، جيڪي پٽ کي ”ڦورن“ تي ويڙهي، تندن جي صورت ۾ وڪڻندا آهن. پٽ جو ڌاڳو نهايت مضبوط ٿيندو آهي ۽ مهانگو وڪامندو آهي. اڳي ريشم جا ڪينئان فقط چين ۾ پالبا هئا، پر ستين صدي عيسويءَ ۾ اهي مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ به پالجڻ لڳا. هن وقت پٽ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ پيدا ٿيندو آهي، سنڌ ۾ آڳاٽي وقت ۾ شڪارپور شهر پٽ جي واپار جو مرڪز هو. هن وقت سنڌ ۾ به ريشم جا ڪينئان پالبا آهن. پر سٺو ريشم ”چين“ ۾ ٿيندو آهي. سنڌ ۾ پٽ مان، عورتن لاءِ سڳيون، اڳٺ، هار ۽ ڳانا ٺهندا آهن، گهرن ۾ آرائش جو سامان به پٽ مان سٺو ٺهندو آهي، خاص ڪري روهڙي، سکر، شڪارپور، ننگر ٺٽي، ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد ۾ پٽ جو ڪم اعليٰ ۽ معياري ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ريشم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پَٽُ2
ريشم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون