پيرزادو عبدالستار

پيرزادو عبدالستار

پيرزادو عبدالستار

پيرزادو عبدالستار: پيرزادو عبدالستار سنڌ جي پارليامينٽري سياستدانن ۾شهرت رکندڙ هڪ اهم سياستدان ٿي گذريو آهي. پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ، سنڌ اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ هن جيڪو اهم پارٽ ادا ڪيو، سو لائق ستائش آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ هن جي شخصيت هميشه حاوي رهندي هئي. سندس مقابلي جو ٻيو ماڻهو اُتي ڪونه هو.
پيرزادي عبدالستار جو تعلق سکر شهر جي مشهور معروف ولي الله شاھ خيرالدين رح جي درگاھه جي خدمتگار پيرزادن جي خاندان سان هو، جيڪي پراڻي سکر ۾ گھڻي وقت کان خاص خانداني حيثيت ۽ اثر رسوخ رکندا آيا. هن جي والد ميان عبدالرحمان کي ٽي فرزند ٿيا: (1) حاڪي ميان عبدالرزاق، (2) عبدالستار ۽ (3) عبدالغني.
عبدالستار پيرزادي، پراڻي سکر ۾4 جولاءِ 1907ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم پهريائين ميولس اي. وي. اسڪول ۾ ورتائين، پوءِ تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان 1923ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. انٽر آرٽس، ميٿميٽڪس ۾ امتيازي درجي سان 1925ع ۾ پاس ڪيائين. آگسٽ 1927ع ۾ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، جتي لنڊن يونيورسٽي ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس ۽ لا (قانون) جي ڊگري ورتائين ۽ ”لنڪنس ان“ ۾ بئريسٽريءَ لاءِ داخل ٿيو. 1929ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان ڏنائين ۽ جولاءِ 1930ع ۾ بئريسٽر ٿيو. ڊسمبر 1930ع ۾ موٽي آيو ۽ جوڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ مان سند وٺڻ بعد، سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
پهريان چار سال وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو. 33-1932ع ۾، اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سکر ٿي ڪم ڪيائين، 38-1937ع ڌاري هڪ سال لاءِ جيڪب آباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو. 1934ع ۾ سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، ميونسپل اسڪول سکر جو چيئرمئن به ٿيو. ٻئي سال سکر ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.
1936ع ۾ بمبئي پرڳڻي کان سنڌ جدا ٿيڻ بعد، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هي سکر تڪ مان چونڊجي آيو. ابتدا ۾ هي سر غلام حسين وزارت جو مددگار ميمبر رهيو. جڏهن 1938ع ۾ جڏهن شهيد الهه بخش سومري جي وزارت قائم ٿي ته ان ۾ کيس چيف پارليامينٽري سيڪريٽري کنيو ويو. 1940ع ۾ سکر منزلگاھ مسجد واري سوال تان الهه بخش سومري جي وزارت ختم ٿي ۽ مير بنده علي خان جي وزارت قائم ٿي. هي الهه بخش سومري سان گڏ مخالفت ۾ رهيو. وري جڏهن 1941ع ۾ الهه بخش سومري جي وزارت قائم ٿي، ته ان ۾ هن کي وزير ڪري کنيو ويو. پبلڪ ورڪس، اريگيشن ۽ صحت کاتا سندس حوالي هئا. سيپٽمبر 1942ع ۾ خانبهادر الهه بخش سومري، ڪانگريس جي ’هندستان خالي ڪريو تحريڪ‘ (Quit India Movement) جي سلسلي ۾ برٽش حڪومت طرفان سختيءَ جي پاليسي اختيار ڪرڻ تي احتجاج ڪندي پنهنجا سمورا لقب سرڪار کي واپس ڪيا. ان تي سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. سر غلام حسين وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پيرزادي صاحب کي نه کنيو ويو. مئي 1943ع ۾ الهه بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ، عبدالستار پيرزادو ڪجھه وقت لاءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو.
1945ع جي آخر ۾ نين چونڊن لاءَ تياريون ٿيڻ لڳيون. پيرزادو صاحب ان وقت تائين مسلم ليگ کان ٻاهر رهيو. ان وقت ڪانگريس کان سواءِ ڪا به پارٽي مخالفت ۾ نه هئي، ان ڪري هن به مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جنوري 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن سر غلام حسين جي وزارت لوڏي ۾ آئي ته کيس تعليم، لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ قانون جا کاتا ڏئي وزير ڪيو ويو. ساڳئي سال هو مسلم ليگ طرفان آئين ساز اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊيو، جتي ”پبلڪ پرنسپلس لا ڪميٽيءَ“ جو چيئرمئن ٿي رهيو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ وزارت کي اڪثريت نه ٿي ۽ گورنر ٻي پارٽيءَ کي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏيڻ کانسواءِ نئين سر چونڊون ڪرايون، جن ۾ به هي چونڊجي آيو ۽ سر غلام حسين جي وزارت ۾وري ٻيو ڀيرو وزير ٿيو ۽ کيس روينيو ۽ قانون جا کاتا ڏنا ويا. هن 57 نوان بل پاس ڪرايا، جن ۾ سمورا قانون نئين سر سڌاريا ويا هئا. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ تائين ساڳين کاتن جو وزير رهيو. ان کان پوءِ سر غلام حسين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي وزارت ٺاهي ته ان ۾ پيرزادي صاحب کي شامل نه ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1947ع ۾ پيرزادي صاحب کي اقوام متحده ۾ پاڪستان طرفان موڪليل نمائندن ۾ شامل ڪيو ويو، جتان ڊسمبر ۾ واپس آيو ته کيس وزير ڪري خوراڪ، زراعت ۽ صحت جا کاتا سندس حوالي ڪيا ويا. مسٽر منڊل جي ڀارت وڃڻ بعد کيس قانون جو کاتو مليو. مرڪزي وزارت ۾ گورنر جنرل غلام محمد خان جي هٿان سر ناظم الدين جي وزارت ختم ٿيڻ تائين وزير رهندو آيو ۽ هن مرڪزي وزارت جي ڏينهن ۾ به ڪيترا قانون پاس ڪرايا.
اپريل 1953ع ۾ سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ٿيون، جن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، غلام نبي پٺاڻ ۽ ٻيا، پروڊا قانون هيٺ ميمبر چونڊجي نه سگھيا. مسلم ليگ اڪثريت سان چونڊجي آئي. پيرزادو صاحب اسيمبليءَ جو ميمبر نه هو، پر مير غلام علي خان جي مدد سان کيس پارٽيءَ جو ليڊر چونڊي وزيراعليٰ ڪيو ويو. 23 مئي 1953ع تي هن وزيراعليٰ جي چارج ورتي. ان وقت سائين جي.ايم.سيد ۽ ٻيا ڪجهه سياستدان متحده محاذ طرفان چونڊجي آيا ۽ مخالفت ۾ ويٺا. عبدالستار پيرزادي جو رويو مخالفن سان سهڪاري رهيو. سندس مدد سان سائين جي. ايم. سيد ۽ ٻيا مرڪز کي ڏنل ڪراچي موٽائي سنڌ کي ڏيارڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرائي سگھيا ۽ سنڌين جي حقن جا ٺهراءَ اسيمبليءَ کان پاس ڪرائي، مرڪزي حڪومت کي موڪليا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ جو ٺهراءُ به ان وقت پاس ٿيو. پيرزادي صاحب سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڏھ لک رپيا، شاھه لطيف ڪلچرل مرڪز لاءِ پنجويهه لک رپيا منظور ڪيا، پر اُهي پوءِ ون يونٽ ٺهڻ سبب نه ملي سگھيا.
1954ع ۾، پيرزادي وزارت جي ٽن وزيرن قاضي محمد اڪبر، سيد علي محمد شاھ راشدي ۽ رسول ڪيهر'>خانصاحب غلام رسول ڪيهر ڪن ڳالهين تان ناراض ٿي بغاوت ڪئي؛ پر هن مرڪزي حڪومت جي مشوري سان وزيرن جو تعداد وڌائي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي ۽ ٽنهي وزيرن جي وزارت کي ختم ڪري ڇڏيو. اُنهيءَ وقت آئين ساز اسيمبليءَ جي بنيادي حقن واري ڪميٽيءَ اڳيان مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جي تجويز پيش ٿي ته عبدالستار پيرزادي ان جي سخت مخالفت ڪئي، ۽ رٿ ناڪام ٿي، جنهن جي حمايت ۾ صرف ٽي ووٽ آيا. گورنر جنرل غلام محمد پوءِ زوريءَ ان تجويز کي پاس ڪرائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لڳو. غلام محمد ولايت ويل هو ۽ سندس غير حاضريءَ ۾ آئين ساز اسيمبليءَ، گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ ۾ ترميم ڪري، گورنر جنرل کان ڪجھه اختيار کسي ڇڏيا. ولايت کان واپس اچڻ بعد هن پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي صوبن جي سڀني وزيراعظمن جي ڪانفرنس گھرائي، جنهن ۾ پيرزادي ون يونٽ يا زونل فيڊريشن ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. نومبر 1954ع ۾ مٿس مرڪزي حڪومت طرفان زور پيو ته ون يونٽ ٺاهڻ قبول ڪري يا استعيفيٰ ڏئي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي پارٽيءَ ميمبرن کي گھرائي مشورو ڪيو، سڀني کيس يڪراءِ چيو ته اسيمبلي جو اجلاس گھرائي، ون يونٽ جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي، مرڪز کي موڪليو وڃي. اڃا اجلاس سڏائڻ جي تياري ٿي رهي هئي ته کيس استعيفا ڏيڻ لاءِ چيو ويو. هن ون يونٽ جي حمايت ڪرڻ توڙي استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي کيس 9 نومبر 1954ع تي هٽايو ويو، جنهن تي هن اخبارن ذريعي پنهنجي راءِ کلم کلا بيان ڪئي.
خانبهادر محمد ايوب کهڙو ان وقت پروڊا هيٺ سياست کان خارج هو. گورنر جنرل کان ون يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو انجام وٺي، پنهنجي ڊسڪئاليفڪيشن دور ڪرائي وزيراعليٰ مقرر ٿيو، جنهن ۾ پير علي محمد راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر کي وزير ڪري کنيائين. ترت ئي سائين جي. ايم. سيد کي جيل ۾ موڪليو ويو. خانبهادر کهڙي حيدرآباد (موجوده ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال) ۾ 11 ڊسمبر 1954ع تي، سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس، پوليس ۽ ايس. پي. آر جي پهري هيٺ گھرائي، اسپيڪر مير غلام علي خان کي نظر بند ڪري ٿرپارڪر ضلعي جي شهر مٺي ڏانهن اماڻي، ميمبرن کان زوريءَ ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ٺهراءَ جي مخالفت ۾ صرف چئن ميمبرن عبدالحميد خان جتوئي، شيخ خورشيد احمد، پير الاهي بخش ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ ووٽ ڏنو. پيرزادو عبدالستار اجلاس ۾ شريڪ ئي نه ٿيو.
سگھوئي پوءِ 14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ لاڳو ڪري مغربي پاڪستان صوبو وجود ۾آندو ويو، اُن جو وزيراعليٰ خان عبدالغفار خان جي ڀاءُ ڊاڪٽر خانصاحب کي مقرر ڪيو ويو. کهڙي ۽ دولتانه صاحب کي وزارت ۾ شامل ڪيو ويو. ٿوري وقت بعد، 1956ع ۾، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اڻ سڌيءَ طرح چونڊ ٿي. مسلم ليگ وارن ڊاڪٽر خانصاحب بدران سردار بهادر خان کي وزيراعظم چونڊڻ ٿي گھريو. مرڪزي حڪومت طرفان ان جي مخالفت ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اجازت ڏني وئي ته ميمبرن کي ڊپ ۽ لالچون ڏئي، هر صورت ۾ پنهنجي وزارت مضبوط ڪري. مسلم ليگ جي دور حڪومت کان ماڻهو تنگ اچي چڪا هئا، ان ڪري ڊاڪٽر خانصاحب کي اڪثريت حاصل ٿي وئي. سنڌ مان سندس وزارت ۾ قاضي فضل الله، مير علي احمد خان ۽ عبدالستار پيرزادي کي کنيو ويو. پيرزادي کي قانون ۽ زراعت جا کاتا ڏنا ويا. وزير ٿيڻ بعد، اسيمبليءَ اندر پارليامينٽري ڪاروبار زياده تر هيءُ ئي هلائيندو هو. پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ هن جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو سو تعريف لائق آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سندس شخصيت جو سحر نظر ايندو هو. سندس مقابلي جو پارلياماني ڪاروبار لاءِ ڪو به اهل ماڻهو نه هو.
جيتوڻيڪ جي. ايم. سيد وارا مخالفت ۾ ويٺل هئا، پر وزارت کي شڪست کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا رهيا. مسلم ليگ ٻه ٽي دفعا ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ناڪام ٿي، ان تي مسلم ليگ، جي. ايم. سيد وارن سان حمايت لاءِ گفتگو ڪئي. سائين جي. ايم. سيد شرط وڌو ته ون يونٽ ختم ڪرڻ جي ٺهراءُ کي پاس ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي، ته اسان ساڻن شريڪ ٿينداسين. ان تي هنن لکت ۾ ساڻن اهڙو سمجھوتو ڪيو. جڏهن اهو ٺهراءُ اسيمبليءَ اڳيان پيش ٿيو، ته نواب گرمانيءَ گورنر مغربي پاڪستان، جي زور بار تي ڊاڪٽر خانصاحب کان ٺهراءَ جي مخالفت ڪرائي، جنهن تي عبدالستار پيرزادو ناراض ٿي هال ڇڏي ويو، پر اسپيڪر جي مدد سان اهو ٺهراءُ هنن پاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ وقت پوري ٿيڻ ڪري ٺهراءُ رهجي ويو. ان تي سائين جي. ايم. سيد وارن مخالفن سان گڏجي، ڊاڪٽر خانصاحب جي وزارت جي مخالفت ڪئي ۽ ٺهراءُ پاس ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهي ورتو. اُن تي هائوس ۾ اڪثريت نه هئڻ ڪري، گورنر کان اسيمبلي مهمل ڪرائي وئي. ڪجھه وقت حڪومت گورنر جي هٿ ۾ رهي. ان کان پوءِ وري سردار عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺهي، جنهن ۾ به پيرزادي کي وزير ڪري کنيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ طرفان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ ٻيهر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو. هن دفعي ريپبليڪن پارٽيءَ جي. ايم. سيد وارن سان ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو لکت ۾ ٺاهه ڪيو. ٺهراءُ اچڻ بعد قانوني راءِ اٿاري وئي ته اهو ٺهراءُ صوبائي اسيمبليءَ اڳيان اچي نٿو سگھي. پيرزادي، وزير قانون هئڻ ڪري، راءِ ڏني ته اهو ٺهراءُ اچي سگھي ٿو، جنهن تي ون يونٽ خلاف مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ٿي ويو.
1958ع تائين پيرزادو صاحب مغربي پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رهندو آيو. هي ڪلاسيڪي راڳ جو شوقين ۽ سنڌي ڪافين سان وڏي دلچسپي رکندو هو. ستار سٺي وڄائي ۽ راڳ ڳائي ڄاڻندو هو. باغن ۽ گلن ۾ خاص دلچسپي هئس، پاڪستان جي باغن جي سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ رهي چڪو هو. جنهن لاءِ کيس آمريڪن گارڊننگ انسٽيٽيوٽ کان ميڊل به مليل هو.
عبدالستار پيرزادو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عاشق هو، جنهنڪري هن ڀٽ شاهه تي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلچرل سينٽر“ جو بنياد رکايو، جنهن جو اهم مقصد شاهه لطيف تي تحقيق ڪرائڻ ۽ سندس پيغام کي عام ڪرڻ هو. عبدالستار پيرزادي 24 آگسٽ 1974ع تي وفات ڪئي.


لفظ پيرزادو عبدالستارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.07.04  عيسوي

عبدالستار پيرزادي پراڻي سکر ۾4 جولاءِ 1907ع تي جنم ورتو


1974.08.24  عيسوي

عبدالستار پيرزادي 24 آگسٽ 1974ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عامر خان مگسي مير
محمد حسين سومرو
سيد مير لطف الله سيوستاني
آگاڻي ملڪ
ظفر الله خان
برهمچاري پرڀوداس
خميسو خان
احسان علي لغاري
ايس آر راءُ
ادريس جتوئي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون